پاڪستانسنڌ

غريب لا مرڻ به مهانگو ٿي پيو،لاش کڻائي وڃڻ لا چندو

ڇاڇرو: ڇاڇرو جي تعلقي اسپتال ۾ علاج لا داخل ٿيل ڏاهلي جي ڳوٺ ڊيٻوڙي جو پيرسن علي نهڙي فوت ٿي ويو، غربت سبب پيرسن جا پٽ عبدالڪريم نهڙي ۽ علاوالدين نهڙي لاش کڻائي وڃڻ جا پئسا نه هجڻ سبب روئي پيا ۽ اسپتال انتظاميا کي ايمبولينس ڏيڻ لاءِ منٿون ڪيون. معلوم ٿيو آهي ته لاش ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال ۾ پيو رهيو، پر اسپتال انتظاميا وارثن کي ايمبولينس ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڪريم ۽ علاوالدين نهڙي چيو ته اسان جو ڳوٺ تمام گهڻو پري آهي، اسان ٻن ڏينهن کان ماني به ناهي کاڌي. سخت پريشان آهيون. ٻئي پاسي ٻنهي ڀائرن چندو ڪيو ۽ لاش ڳوٺ کڻائي ويا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ڊاڪٽر ليکراج سارنگهاڻي ٻڌايو ته اسان کي صحت کاتي سنڌ حڪم جاري ڪيو آهي ايمبولينس صرف مريضن کي ڏني ويندي. هوڏانهن پيرسن جي پٽن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد رهواسين اسپتال انتظاميا کي تنقيد جو نشانو بڻايو. سڄاڻ ڌرين ۽ شهرين چيو ته اسپتال انتظاميا صرف غريبن کي ايمبولينس نٿي ڏي. باقي سياسي ماڻهن جي چوڻ تي ايمبولينس ڏني ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button