پاڪستانسنڌ

ڪنري ۾ 20 جوڙن جي اجتماعي شادي، زبردست تقريب

ڪنري: ڪنري ۾ ھندو پنچائت ويلفيئر پاران الفتح ميرج هال ۾ 20 جوڙن جي اجتماعي شادي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ پاڪ آرمي ڇور ڪينٽ جي ميجر خرم، اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي، اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار رتناڻي، صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته اسان سنڌ ۾ اقليتي برادري کي جائز حق ڏياريا آهن، مونکي ٻڌايو ويو ته 20 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرڻي آهي، سھڪار ڪيو ته مون چيو ته 100 جوڙن جي شادي ڪرايو، تڏھن به اسان سھڪار لا تيار آھيون. نواب تيمور ٽالپر چيو ته اھو ڪم اسان کي ڪرڻو ھو، پر ان کان اڳ ھندو پنچائت اھو ڪم سر انجام ڏنو، جيڪو ساراهه جوڳو آهي. اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار رتناڻي چيو ته خوشي جھڙي ڳالهه آھي جو آئون ڪنري جو رھواسي آھيان، ان ڪري ڪـنري جي ڀلي لا ڪم ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آھيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button