پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ لڳ ميلي تان موٽندڙن سان حادثو، 2 پانڌيئڙا فوت، 10 زخمي

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجهو هندو مذهب جو سڀ وڏو لڳندڙ شو ڀڳوان جي ميلي کان واپسي ايندڙ پانديئڙن جي چنگچي رڪشا ڪار سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب 2 پانڌيئڙا سنيل ميگهواڙ ۽ راڻو ڪولهي موقعي تي فوت ٿي ويا، 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، علائقي واسين لاش ۽ زخمين کي پي پي ايڇ آئي جي ايمبولينس ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ آندو، جتي ڊاڪٽرن سنيل ميگهواڙ ۽ راڻو ڪولهي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. عمرڪوٽ اسپتال مان زخمي راجا مالهي ۽ راجا ڀاڳچند مالهي کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button