سنڌ

ناظم جوکيو جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

قاسم آباد جي شاگردن ملير ۾ بيدري سان قتل ڪيل ناظم جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري ۽ کين سزا ڏيارڻ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو، جنهن جي اڳواڻي محب چانڊيو، عمير ابڙو، عمران مگسي، عهد جمالي، عاقب جروار، اسد جوکيو ۽ ٻين ڪئي. هوڏانهن پاٽ شريف ۾ مختيار برهماڻي، تنوير پاٽائي، مشھور ميمڻ، صدام چنا، آفتاب برهماڻي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ سان سردارن ۽ وڏيرن سدائين ناجائزي ڪئي آهي، ڪجهه وقت اڳ ملير ۾ پکين ۽ جانورن جي شڪار تي آيل عربن سنڌ ۾ وڏو نقصان ڪرايو، جيڪو ناظم جوکيو جي قتل جي صورت ۾ ٿيو. هنن چيو ته سنڌ جا وڏيرا ٻاهران ماڻهو گهرائي پکين جو شڪار ڪرائيندا آهن، انهن جي ملڪ اچڻ تي پابندي لڳائي وڃي ته ٻيهر اهڙو واقعو نه ٿي سگهي. هنن چيو ته ٻاهرين ماڻهن جي اچڻ ڪري اسان جا نوجوان ماريا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button