سنڌ

حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ٽن ڄڻن جا لاش مليا

حيدرآباد جي ڦليلي، ريلوي ڪوارٽر ۽ هوسڙي واري علائقن مان ٽن ڄڻن جا لاش هٿ آيا. ڦليلي پوليس جو چوڻ آهي ته درگاهه مصري شاهه واري علائقي ۾ گهر مان 35 سالن جي پورهيت جمشيد ٻرڙو جو لاش مليو، جيڪو ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ ريلوي ڪوارٽرن ڀرسان اڌڙوٽ شخص جو لاش مليو. اطلاع تي ايڌي رضاڪارن پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ اسپتال منتقل ڪيو. ايڌي رضاڪارن جو چوڻ آهي ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. هوڏانهن هوسڙي جي علائقي قدوس ڪالوني ڀرسان اڪرم واهه مان نوجوان جو لاش هٿ آيو. علائقي واسين لاش لڙهندو ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ته پوليس پهچي لاش واهه مان ڪڍرائي سول اسپتال منتقل ڪيو. هوسڙي پوليس جو چوڻ آهي ته لاش 35 کان 40 سالن جي شخص جو لڳي رهيو آهي پر سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button