سنڌ

بلاول ڀٽو طرفان لوڪ فنڪار واسو خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري لوڪ فنڪار واسو خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته واسو خان جي لاڏاڻي سان پاڪستان جي لوڪ موسيقي جي دنيا جو روشن ستارو اجهامي ويو، واسو خان مرحوم جي آواز ۾ بلوچستان جي پهاڙن جو طلسماتي لوڪ فن گونجندو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ انهن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن واسو خان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي جي دعا پڻ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button