سنڌ

رتوديرو ۾ رائيس ملز ورڪرز جو مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو

رتوديرو ۾ رائيس ملز ورڪرز يونين پاران مهانگائي ۽ بي روزگاري خلاف مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪامريڊ مينهل انصاري، مرتضيٰ ڪورائي، مختيار عباسي، شڪيل جلباڻي، مختيار جويو، خالد سولنگي، بشير، بابو سيانچ، محبت، برڪت ۽ وزير علي پريس ڪلب اڳيان دانهيندي چيو ته حڪمرانن ملڪ جي خودمختياري ۽ وسيلن کي عالمي مالياتي ادارن وٽ گروي ڪري ڇڏيو آهي. موجوده حڪومت ٽن ورهين ۾ عوام کي رليف بدران آ ايم ايف کان قرض جي نتيجي ۾ مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي جنهن سبب عوام کي فاڪا ڪشي تي مجبور آهي. هنن چيو ته پورهيتن جي ڏهاڙي ايتري گهٽ آهي جو ان مان ٻن ويلن جي ماني به نٿا کائي سگهون. هنن مطالبو ڪيو ته پئٽروليم شين جا اگهه گهٽائي مهانگائي تي ضابطو آڻي روزگار جا ذريعا وڌائي بيروزگاري ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button