سنڌ

رتوديرو ۾ ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف شهرين جو احتجاج

رتيديري جي قديمي پاڙي محمدي ڪالوني جي رهواسين جو ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد خان، محمد رمضان ڏونگر، عابد علي، آصف ۽ صفدر اوڍو دانهيندي چيو ته 6 ورهين کان اسان جي پاڙي ۾ ڪو ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي، ڪيترا ڀيرا شڪايتون ڪري چڪا آهيون پر نظر انداز ڪيو پيو وڃي، صرف من پسند ماڻهن جي پاڙن ۾ ٺهيل گهٽيون ۽ ناليون ٻيهر ٺهرايون پيون وڃن اسان جي پاڙي ۾ گندو پاڻي گهٽين ۽ گلين ۾ بيٺل آهي ۽ مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته محمدي ڪالوني جون گهٽيون ۽ نيڪال وارين نالين جو ڪم ڪرائي ڏنو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button