سنڌ

مدئجي ويجهو دل-جوڻيجا خوني تڪرار جو جرڳو، 99 لک ڏنڊ

مدئجي ويجهو ڳوٺ نئون امروٽ ۾موبائيل فون ڦر مامري تان 5 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ دل-جوڻيجا خوني تڪرار جي نبيري جو جرڳو ڳوٺ ڌامراهه ۾ پ پ اڳوڻ خورشيد جوڻيجو جي رهائشگاھه تي محمد خان جوڻيجو، ايم اين اي غوث بخش مهر، معظم عباسي جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ دل برادري جي امان الله دل، جوڻيجا برادري جي مٺل جوڻيجو، رياض جوڻيجو۽ عبدالڪريم جوڻيجو پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي بيان ڏنو، جنهن بعد جرڳي جي سر پئنچن فتويٰ جاري ڪئي وئي، جيڪا پاڪ ڪتاب تي کڻي ٻڌائي وئي. جرڳي دوران جوڻيجا برادري مٿان دل برادري جا ٻه قتل ۽ ٽي زخمي ثابت ٿيڻ تي 39 لک 50 هزار روپيا ڏنڊ لڳايو ويو، جڏهن ته دل برادري مٿان جوڻيجا ڌر جا ٽي قتل ۽ ٽي زخمي ثابت ٿيڻ تي 60 لک روپيا ڏنڊ لڳايو ويو، جڏهن ته اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 50 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. فتويٰ بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي پاڻ ۾ کيرکنڊ ڪرڻ بعد دعا گهري وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button