سنڌ

ڳڙهي تيغي ۾ هٿياربندن جو پوليس پڪٽ تي حملو، ايس ايڇ او ۽ اهلڪار زخمي

شڪارپور جي علائقي ڳڙھي تيغو ۾ پوليس پڪٽ تي ھٿياربندن جو حملو، حملي جي نتيجي ۾ ايس ايچ او خانپور ۽ اھلڪار زخمي ٿي پيا، شڪارپور پوليس مطابق زخمين کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، طبي امداد بعد ايس ايچ او خانپور رالف پٺاڻ ۽ اھلڪار واحد بخش ڀٽو کي سکر جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس اھلڪار واحد بخش ڀٽو جي حالت تشويشناڪ ۽ ايس ايڇ او جي حالت خطري کان ٻاھر ٻڌائي پئي وڃي، واقعي بعد علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آھي، سرچ آپريشن ۾ بڪتربند گاڏيون، اي پي سي چين ۽ 200 کان وڌيڪ پوليس اھلڪار حصو وٺي رھيا آھن، آپريشن دوران ڌاڙيلن جي ڪافي ٺڪاڻن کي مسمار ۽ باهھ ڏني وئي آھي، علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آھي ۽ حملي آورن جي تلاش جاري آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button