سنڌ

پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت ڄاڻ ڏيڻ لائي ورڪشاپ

حيدرآباد آ بي اي پبلڪ اسڪول ۾ شاگردن کي آ ٽي بابت ڄاڻ ڏيڻ جي سلسلي ۾ ٽن ڏينهن جو ورڪشاپ اسٽيم ڪئمپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽن ڏينهن دوران ڊرون ورڪشاپ، ٿري ڊي پرنٽنگ ورڪشاپ، آرڊينو ورڪشاپ ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد سميت مختلف 9 اسڪولن جي 90 شاگردن حصو ورتو. جنهن ۾ شاگردن کي ٿري ڊي پرنٽ ۽ ڊزائينگ جي حوالي سان ڪمپيوٽر تي پروگرام سيکاريا ويا، جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن پبلڪ اسڪول ۾ ڪمپيوٽر تي مختلف قسم جون شيون ۽ فن پارا ٺاهي انهن کي ٿري ڊي پرنٽر ذريعي اصل ۾ شڪل آڻي شاگردن حيران ڪري ڇڏيو. پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ آ بي اي سکر جي ورڪشاپ ۾ پبلڪ اسڪول جي شاگردن سميت حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي اسڪولن مان شاگردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سکر آ بي اي مان آيل آ ٽي جي ماهرن ۽ استادن شاگردن کي تجرباتي سکيا ڏني. آخر ۾ پبلڪ اسڪول جي پرنسپال پروفيسر عمران احمد لاڙڪ سکيا ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. ان موقعي تي پبلڪ اسڪول جي پرنسپال عمران احمد لاڙڪ سکر آ بي اي مان آيل استادن جي ڪاوشن تي سندس ٿورا مڃيا. هن ڳالهائيندي چيو ته پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ اهڙا پروگرام مختلف وقتن تي ڪرايا ويندا ۽ اهڙي قسم جي ليب پبلڪ اسڪول ۾ قائم ڪرڻ لا به ڪوششون ڪري رهيا آهيون. آ بي اي سکر مان آيل آ ٽي انجنيئر فرحان علي شاهه، انجنيئر نادر علي ۽ نصرالله ڌاريجو سميت ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button