سنڌ

رستم ويجهو خوني تڪرار جو جرڳو، ڌرين تي ساڍا 68 لک روپيا ڏنڊ

رستم ويجهو جتوئي برادري جي چئن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو ٻن ڌرين گوهراڻي ۽ سعدخاناڻي برادري جي جهيڙي جو جرڳو فتح محمد جتوئي ۽ ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي جي سرپئنچي ۾ ٿيو. ٻنهي ڌرين جا چار چار خون ۽ چار زخمي ثابت ٿيا، جنهن 68 لک 50 هزار روپيا ڏنڊ لڳايو ويو. جتوئي برادري جي چئن ڌرين سعدخاناڻي، عطراڻي،گوهراڻي ۽ ڪمالاڻي برادري جي چئن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي معاملي تان هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو گوهراڻي ۽ سعدخاناڻي جي ٻن ڌرين جو جتوئين جي فتح محمد جتوئي ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي جي سر پئنچي ۾ ڳوٺ خادم حسين خان جتوئي ۾ ٿي گذريو. فيصلي ۾ في خون جا 10 لک پاڙيا ويا،سعدخاناڻين جي ڌر جا 2 خون ۽ 4 زخمي ثابت ٿيا، جڏهن ته گوهراڻي برادري جا 2 خون ثابت ٿيا. مجموعي طور تي 68 لک 50 هزار ڏنڍ مقرر ڪيو ويو. سعدخاناڻي ڌر جي 2 قتلن ۽ هڪ عورت سميت 5 ڄڻن جي زخمي جا 48 لک 50 هزار ڏنڍ مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته گوهراڻي برادري جي ٻن خونن جا 20 لک ڏنڊ لڳايو ويو. فيصلي ۾ گوهراڻي برادري 2 لک 80 هزار سعدخاناڻي برادري کي ادا ڪندي،گوهراڻي برادري جي ماڻهن 10 هزار موقعي تي ادا ڪيا، جڏهن ته سعدخاناڻي برادري 5 هزار موقعي تي ادا ڪيا. فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button