سنڌ

پارليامينٽ کي ججن جي مواخذي جو اختيار هجڻ گهرجي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عدالت مان ڊيڄاريو ويندو آهي پر هاڻ توهين عدالت کان خوف ناهي ٿيندو. سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ تحت آئين جا 50 سال پورا ٿيڻ تي سيمينار سان خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته آئين جو دفاع اسيمبلي ميمبرن، ڪابينا ميمبرن ۽ عدليا جو ڪم آهي، انهن ٽنهي کانسواءِ سڀني جو ڪم آئين تي عمل ڪرڻ آهي. هن چيو ته آئين تحت پارليامينٽ سپريم آهي، قانون تحت وزيراعظم، وڏن وزيرن، وزيرن تي ڊيوٽي دوران ڪو ڪيس نٿو ٺاهي سگهجي پر اڄ مون سميت سنڌ ڪابينا جي تقريبن سڀني وزيرن تي ڪيس آهن.سندس چوڻ هو ته ايگزيڪيوٽو جي حيثيت سان مون کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، توهين عدالت کان ڊيڄاريو ويندو آهي پر هاڻ خوف ناهي ٿيندو، اسان کي پاڻ کي مضبوط بڻائڻ گهرجي ته جيئن ڊليور ڪري سگهون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 73ع جو آئين اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته آئين جي ڀڃڪڙين جو سلسلو ضياءَ دور کان شروع ٿيو، آرٽيڪل 62 ۽ 63 کي ماضي ۾ سياسي طور استعمال ڪيو ويو، 2010 کان اڳ هن آرٽيڪل جو وڏي پيماني تي استعمال نه ڪيو ويندو هو، جيڪڏهن نااهلي جي تلوار لڙڪندي رهي ته ڪو به ماڻهو آزاديءَ سان ڪم نٿو ڪري سگهي. اڄ مون سميت سمورن وزيرن تي ڪيس هلي رهيا آهن، انهن کي توهين عدالت جي قانون سان ڊيڄاريو ويندو آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڊيڄاريو ويندو ته اهي ڪٿي ڊليور ڪري سگهندا. مراد علي شاهه چيو ته آئين تحت پارليامينٽ سپريم آهي، پارليامينٽ کي ججن جي مواخذي جو اختيار هجڻ گهرجي، اهو طريقو ڀارت ۾ به موجود آهي، اسان جي سياسي تاريخ ۾ پارليامينٽ کي ڄاڻي واڻي ڪمزور ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button