سنڌ

نيب قانون عدليا تي به لاڳو ڪيو وڃي:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي مقدس ڳئون جو سلسلو روڪڻو آهي، اسان لاءِ ۽ سمورن ججن لاءِ هڪ جهڙو قانون هجڻ گهرجي، نيب هميشه سياسي انجنيئرنگ ۽ غير جمهوري قوتن کي جاءِ ڏيڻ لاءِ ٺهيو آهي، اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، نه ته ان ۾ سڌارا ۽ ترميم ڪري ان کي عدليه تي پڻ لاڳو ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جو آئين هن ملڪ جي عڪاسي ڪري ٿو، پاڪستان هڪ وفاقي نظام آهي ۽ اسان جو آئين ان کي وفاقي شڪل ڏئي ٿو، پاڪستان جمهوريت پسندن جو ملڪ آهي ۽ اسان جو جمهوري آئين آهي. هن چيو ته جڏهن کان پاڪستان جو آئين ٺاهيو ويو آهي، مسلسل ڪوششون ٿي رهيون آهن، هن آئين تي حملا ڪيا ويا، هن آئين تي ڌاڙو هنيو ويو، اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه قوتون اهو برداشت نه ٿيون ڪري سگهن ته پاڪستان جي عوام کي ۽ سمورن صوبن کي پنهنجا حق حاصل هجن. ۽ اهي پنهنجي وسيلن جا پاڻ مالڪ هجن، هر شهري وٽ ووٽ جي طاقت هجي ۽ ان وٽ اهو حق هجي ته هو پنهنجي نمائندن کي چونڊي سگهي. هن چيو ته ڪجهه قوتن کي ان ڳالهه تي تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي ته پاڪستان جي آئين موجب توهان هاري آهيو يا مزدور، سفيد پوش طبقي سان واسطو رکندڙ آهيو، يا وڪيل آهيو، استاد آهيو، فوج ۾ آهيو يا پوليس ۾ آهيو، چاهي توهان امير ترين ماڻهو آهيو يا غريب ترين ماڻهو، توهان کي ووٽ ڏيڻ جو هڪجهڙو حق آهي ۽ هر شهري کي اهو حق حاصل آهي ته هو اليڪشن واري ڏينهن وڃي پنهنجو حق استعمال ڪري ۽ هن ملڪ جي حڪمراني جو فيصلو ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ آئين لاءِ ڪيترائي امتحان آيا آهن، ضياءُ الحق جي دور ۾ جڏهن آئين کي لتاڙيو ويو، سڄي ملڪ کي مذهب جي نالي تي لٽيو ويو ۽ اڄ به اسان ان جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون. هن چيو ته ان کان پوءِ جنرل مشرف جو دور هو ۽ هن اسان جي آئين تي حملا ڪيا، جنهن طريقي سان ان دور جا اثر معاشري تي پيا، انجو نقصان به ڀوڳي رهيا آهيون. هن چيو ته 2008ع کان 2013ع تائين هڪ دور هو جڏهن ائين لڳي رهيو هو ته اسان جو سمورو معاشرو پاڪستان جي تاريخ ۾ آخرڪار ميچوئر ٿي چڪو آهي، سياسي پارٽيون آخرڪار ان نتيجي تي پهتيون ته جيستائين اسان هڪ ٻئي سان وڙهندا رهنداسين ته مزا ڪو ٻيو وٺندو رهندو، آئين ۽ جمهوريت هميشه خطري ۾ رهندي ۽ ملڪ ترقي نه ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ سڀ کان اڳ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ۽ 73ع جو آئين شهيد ڀُٽي ڏنو هو، آئين سبب ئي عوام وٽ ووٽ جو حق آهي پر جڏهن کان آئين ٺهيو آهي، ان تي ڌاڙو هڻڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ آئين کي ڪيترائي ڀيرا امتحان مان گذرڻو پيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو آئين نه رڳو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي امانت آهي پر رياست ۽ شهرين وچ ۾ هڪ معاهدو آهي، جنهن تحت حقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو آهي، غير جمهوري قوتن کي وڌيڪ موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي شخص کي وزيراعظم بڻايو ويو، جنهن جي پارليامينٽ، جمهوريت، ايتري تائين جو معيشت ۾ به ڪا دلچپسي نه هئي. سندس موجب ائين نٿو ٿي سگهي ته لاڙڪاڻي جي وزيراعظم کي ڦاهي ڏني وڃي ۽ زمان پارڪ جي وزيراعظم جي ڄنگهه ۾ تڪليف هجي ته عدليا هڪ هفتي تائين انتظار ڪري، اهو ٻٽو نظام نٿو هلي سگهي ۽ نه اسان برداشت ڪنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته اسان کي عام ماڻهو جي حقن کي تحفظ ڏيڻو آهي، ٻٽي نظام جو مقابلو ڪرڻو آهي، جمهوريت جو تحفظ ڪرڻو آهي، آئين اسان ٺاهيو هو ۽ اسان ئي ان کي بچائينداسين، جيستائين اسان پاڻ ۾ وڙهندا رهنداسين فائدو ڪو ٻيو کڻندو رهندو، ووٽ جو حق استعمال ڪري ئي عوام هن ملڪ جي حڪمراني جو فيصلو ڪري سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button