پاڪستانسنڌ

جهول ۾ ايس ايڇ او جي ڪار 3 پورهيتن مٿان چڙهي وئي، هڪ فوت،مظاهرو

جھول: جهول ۾ ايس ايڇ او جي ڪار 3 پورهيتن مٿان چڙهي ڪئي، جنهن سبب هڪ پورهيت فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. وارثن روڊ تي رڪاوٽون رکي مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته ايس ايڇ او جهول نشي ۾ ڪار هلائي رهيو هو، ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ جهول ويجهو گذريل ڏينهن صبح جو سوير جھول ٿاڻي جو ايس ايڇ او ياسر نواز مغل ٽنڊوآدم کان جھول اچي رهيو ھو ته بس اسٽاپ نورشاہه وٽ سندس تيز رفتار ڪار سندس ڪنٽرول مان نڪري مزدوري لاءِ ويندڙ پورهيتن پيمو ڀيل، سورجي ڀيل ۽ پنھون ڀيل مٿان چڙھي وئي ۽ ڪلٽيون کائيندي کاھي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پورھيت پيمون ڀيل، سورجي ۽ پنهون ڀيل زخمي ٿي پيا، جن کي ڳوٺاڻن سول اسپتال سانگهڙ پھچايو، جتان پيمون کي نازڪ حالت سبب شھيد بينظيرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو بيهوش هو. سورجي ۽ پنھون کي سول اسپتال سانگهڙ ۾ داخل ڪرايو ويو. حادثي بعد ڳوٺ نور شاہه جي ڀيل برادري جي ماڻهن عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏ ٽنڊوآدم-سانگهڙ جھول روڊ تي نور شاہه بس اسٽاپ تي ڪنڊي جا ڊينگر رکي روڊ بلاڪ ڪري مظاهرو ڪيو ۽ ايس ايڇ او خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڳوٺاڻن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ايس ايڇ او جھول ياسر نواز مغل صبح جو سوير نشي ۾ ڊرائيورنگ ڪري رهيو هو، ان ڪري ڪار سندس ڪنٽرول مان نڪري پورهيتن مٿان چڙهي وئي. ڪار مان شراب جون 2 بوتلون به نڪتيون آهن. پوليس آفيسر زخمين جي مدد ڪرڻ بدران ڌمڪيون ڏيندو رهيو. هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي پورهيتن کي زخمي ڪندڙ ايس ايڇ او جھول ياسر نواز مغل خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جھول ياسر نواز مغل ٻڌايو ته مون ڪو نشو ناهي ڪيو، گاڏي جو اڳيون ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو، زخمين کي مون ۽ اهلڪارن فورن کڻائي اسپتال پهچايو، سندن مدد ڪري رهيو آهيان. هوڏانهن نوابشاهه اسپتال ۾ داخل ڪرايل پيمون ڀيل رات دير سان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي پيمون پيل جو پنھنجي پاڻ کي ويجھو عزيز سڏائيندڙ ڪامريڊ بادل ڀيل سوشل ميڊيا تي اچي چيو هو ته هي هڪ حادثو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جو ڪو ڏوهه ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button