پاڪستانسنڌ

ڪي اين شاهه لڳ نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي انت آڻي ڇڏيو

خيرپور ناٿن شاهھ: خيرپور ناٿن شاھه لڳ ڳوٺ احمد خان لغاري جو رھواسي ٻوڏ متاثر 25 ورهين جو نوجوان ضمير حسين پٽ محب حسين لغاري بيروزگاري کان تنگ اچي ڳچي ۾ رومال وجھي آپگھات ڪري ڇڏيو. نوجوان جي آپگهات بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. وارثن جو چوڻ آھي ته ٻوڏ ۾ اسان جو الھه تلھه ختم ٿي ويو، گهر به ڊهي پٽ پئجي ويا، نوجوان مزدوري ڪري گھر جو گذر سفر ھلائيندو ھو، کيس ھڪ نياڻي جو اولاد آهي، روزگار نه هجڻ سبب غربت ۽ بدحالي کان تنگ اچي هن خودڪشي ڪئي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button