پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ پوليس اهلڪارن جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

سرهاڙي: سرھاڙي لڳ ڳوٺ غلام شاھه ٽالپر جي ڳوٺاڻن سرهاڙي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن قبول ٽالپر، شبير ٽالپر، مقبول، غلام نبي ٽالپر ۽ ٻين چيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ اسان جو گهرڀاتي علي غلام ٽالپر جيڪو پنهنجي زمين تي ڪم ڪرڻ لا نڪتو هو کي سرهاڙي پوليس جي اهلڪارن محبوب زرداري ۽ بشير خاصخيلي کڻي کنڀي گم ڪيو، جنهن بعد اهلڪارن وڏيري جي ونگار وهندي ٿاڻي جي لاڪپ ۾ علي غلام کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ 20 هزار رشوت وٺي کيس آزاد ڪيو. هنن چيو ته سرهاڙي پوليس جا اهلڪار مختلف طريقن سان روز اسان کي ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي زوري ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اسان هارپو ۽ مزدوري ڪري پيٽ پاليندا آهيون. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي اهلڪارن خلاف قدم کنيو وڃي. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪارن محبوب زرداري ۽ بشير خاصخيلي ٻڌايو ته علي غلام ٽالپر مختلف چورين ۾ گهربل آهي، جنهن مٿان سرهاڙي ٿاڻي تي چورين ۽ ڦرن جا ڪيس داخل آهن، باقي اسان ڪنهن کان رشوت ناهي ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button