پاڪستانسنڌ

ڪاڄ ۾ فائرنگ روڪرائڻ آيل پوليس تي حملو، اي ايس آئي رتورت، درجن ڄاڃي گرفتار

شھدادپور: شھدادپور جي ٽنڊوآدم چوڪ تي قائم شادي ھال حسن علي گارڊن ۾ راجپوت برادري جي ڪاڄ ۾ ميزبانن ۽ ڄاڃين پاران ڦٽاڪن ۽ جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪرڻ تي ون فائيو انچارج وھاب بروھي پوليس ساڻ ڪري کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن دوران ڄاڃين مبينا دوران اهلڪارن تي حملو ڪري ڏنو، ڌڪ لڳڻ جي ڪري اي ايس آئي وھاب بروھي رتورت ٿي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي سمس اسپتال آندو ويو. ڊاڪٽرن موجب ته سندس چھري تي شديد ڌڪ لڳل آھن، کيس ٽانڪا ھڻي رت بيھاريو ويو آھي. ٻئي پاسي وائرليس تي اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او شھدادپور غلام شبير دلواڻي وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري مقامي شادي ھال پھچي گھيرا ڪري درجن کان وڌيڪ ماڻھن کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي ٿاڻي تي آندو ويو، پوليس موبائل ڪئميرائن جي مدد سان حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ ڪري مٿن ڊيوٽي اٽڪا ۽ حملي جو ڪيس داخل ڪري 4 ماڻهن کي گرفتار ڄاڻايو، جن ۾ انتظار راجپوت، پپو راجپوت، امير علي راجپوت ۽ راڻا عابد راجپوت شامل آھن. ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي ۽ ون فائيو انچارج وھاب بروھي ميڊيا کي ٻڌايو ته قانون کان مٿانھون ڪير به ناہي، اسان ڪجهھ جوابدار پڪڙيا آھن، باقي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي معلوم ٿيو آھي ته بااثر ماڻھو گرفتار جوابدارن کي ڇڏائڻ لا ننھن چوٽي جو زور لڳائي رھيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button