پاڪستانسنڌ

صادق فقير جي اٺين ورسي، سڄاڻ ڌرين پاران ڀيٽائون پيش

مٺي: سنڌ جي سدا بهار راڳي صادق فقير جي 8 هين ورسي ملهائي کيس سرن، آلاپن ۽ سڏڪن سان ڀيٽائون ڏنيون ويون. مٺي ۾ مقامي شاعرن، اديبن، فنڪارن، سماج سڌارڪن، صحافين ۽ گهرڀاتين صادق فقير جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، مقامي فنڪارن چادر چاڙھڻ وقت صادق فقير جا ڳايل گيت ڳائي سرن ۽ آلاپن سان ڀيٽائون پيش ڪيون، جنهن دوران ماحول ڏکارو ۽ سوڳوار بڻجي ويو. صادق فقير چوڪ کان نزاڪت صادق فقير، صابر فقير، نصير ڪنڀار، سشيل ملاڻي، راحت صادق، شهداد فقير، ماما وشن ٿري، ڪريم فقير، ممتاز نهڙيو، زوار فقير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مزار تي چادر چاڙھڻ جي رسم ادا ڪئي وئي. ٻئي طرف سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل ضلعي بدين جي عهديدارن ضلعي صدر غلام مصطفى جمالي، جنرل سيڪريٽري نصر جروار، الهبچايو راهوڪڙو، انور عباسي، خان محمد چانڊيو، سنڌ جي ڀلوڙ ۽ مشهور فنڪار فقير ذوالفقار لنڊ، مير بليدي، صادق فقير جي پٽ رضا صادق ۽ ٻين صحافين ۽ سماجي اڳواڻن سان گڏ صادق فقير جي مزار تي پهچي گلن جون چادرون چاڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. مٺي ۾ ورسي جي ڪا تقريب نه رکي وئي. جڏهن ته صادق فقير هائوس تي سندس روح کي ثواب پهچائڻ لا خيرات جو اهتمام ڪيو ويو هو. ٻئي طرف ورسي جي مک تقريب حيدرآباد ۾ رکيل هجڻ ڪري ٿر مان چاهيندڙن جا قافلا شرڪت لا نڪري چڪا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button