سنڌ

لاڙڪاڻي سينٽرل جيل ۾ منشيات پهچائڻ واري ڪوشش ناڪام

لاڙڪاڻي سينٽرل جيل انتظاميا جيل ۾ منشيات پهچائڻ واري ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. سينٽرل جيل لاڙڪاڻو جي جيلر اشفاق ڪلوڙ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سينٽرل جيل ۾ منشيات، سيل فون سميت ٻيو غيرقانوني سامان پهچائڻ جي خبرن بعد سختي ڪارڻ ٻيهر هڪ قيدي وقار جمالي جي سامان مان هيروئن ۽ چرس برآمد ڪيو ويو آهي. پڌرائي مطابق قيدي وقار جمالي لا آيل سامان جي جهڙتي وٺڻ تي سامان ۾ ٻن کير جي پاڪيٽن مان هيروئن ۽ ٻن شيمپو جي بوتلن مان چرس برآمد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جاچ دوران قيدي وقار جمالي اعتراف ڪيو آهي ته اها منشيات قيدي علي محمد ڪلهوڙو منهنجي نالي تي گهرائي آهي، جنهن خلاف وليد ٿاڻي تي ايف آ آر داخل ڪرائي وئي آهي. ان سلسلي ۾ جيلر اشفاق ڪلوڙ بيان ۾ ڄاڻايو ته جيل اندر ڪنهن قسم جي غيراخلاقي ۽ غيرقانوني سامان آڻڻ تي سخت پابندي آهي، جيلر مطابق منجهند ڌاري به هڪ ٻئي واقعي ۾ جيل ۾ يوسف ڏاهاڻي سامان کڻي آيو جيڪو سندس والد قيدي قربان علي ڏاهاڻي حوالي ڪيو ويو، جنهن سامان جي جهڙتي دوران سامان ۾ شامل صابڻ جي پاڪيٽن مان چرس ۽ هيروئن برآمد ڪئي وئي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button