سنڌ

عمران خان جو گرفتار نه ٿيڻ عدالت جي توهين آهي:شرجيل ميمڻ

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڪارو ڏينهن آهي، پوليس کي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائڻ کان روڪيو ويو، پي ٽي آئي قانون جو مذاق اڏايو آھي، پوليس ڀڳوڙي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ جڏهن زمان پارڪ پهتي ته هو ڀڄي ويو. جيڪو ٻين کي صلاحون ڏيندو هو ته گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي، اهو پاڻ اڄ گهٻراهٽ جو شڪار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته عدالتي حڪمن تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، عدالتي حڪمن کان مٿانهون ڪو به ناهي، جيڪي عدالتي حڪم ڪمزور لاءِ آهن، اهي ئي حڪم مضبوط لاءِ به هئڻ گهرجن، جنهن ريت عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪمزور طبقن تي ڪيو وڃي ٿو، اهڙي طرح عمران خان جهڙي ٺڳ تي به عدالتي حڪمن تي عمل ٿيڻ گهرجي. سڌ سماءَ واري صوبائي وزير چيو ته اها ئي اسلام آباد پوليس جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري لاءِ سندس رهائشگاهه پهتي ته سڀني ڏٺو ته صدر آصف علي زرداري گريس سان گرفتاري ڏني، هن جرئت ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪري هڪ سچي سياسي اڳواڻ جو ثبوت ڏنو. هن چيو ته ٽيسٽ ٽيوب بيبي جنهن کي مصنوعي طريقي سان سياست ۾ آندو ويو، اڄ گرفتاريءَ جي خوف کان سندس ڄنگهون ڪيئن ڏڪي رهيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ اڄ آچر ڏينهن ان جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي، اها قانون جي توهين آهي، عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، ان سان اهو پيغام وڃي رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان چوندو هو ته امير ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ قانون آهي، پر اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان پاڻ کي ان طبقي ۾ وٺي آيو آهي، جنهن لاءِ ڪوبه قانون ناهي. جيڪڏهن ڪنهن عام شهري کي گرفتار ڪرڻ جو ڪيس هجي ها ته پوليس اهڙو تحمل جو مظاهرو ڪري ها، ڇا پوليس غريب سان اهڙو سلوڪ ڪندي؟ هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن غريب تي ڪيس هوندو آھي ته پوليس کيس ٿڏا ھڻي، پوليس موبائلن ۾ اڇليندي آھي جڏهن ته عمران خان کي وي آءِ پي ٽريٽمينٽ ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي زمان پارڪ ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو پيو وڃي، هر جماعت وٽ اسٽريٽ پاور آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي ننڍي اسٽريٽ پاور جو تماشو ڪندي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. اهو سواليه نشان آهي. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، زمان پارڪ ٻاهران پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گڏ ڪري اهي ڇا ثابت ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن سندن اڳواڻ ڪجهه نه ڪيو آهي ته تماشو ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي. صوبائي وزير چيو ته هي ڪنهن نظرياتي جدوجهد جا گرفتاري وارنٽ ناهن، هي توشاخاني ۾ چوري ۽ ڌاڙن جي ڪيس ۾ گرفتاري جا وارنٽ آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سپريم ڪورٽ فوري طور تي ان تماشي جو نوٽيس وٺي ۽ عمران خان کي گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته عمران خان لاءِ اهو تاثر مضبوط ٿي رهيو آهي ته هن شخص سان هميشه لاڏلي جهڙو سلوڪ ڪيو ويو ۽ هن لاڏلي کي هميشه قانون کان مٿانهون سمجهيو ويو. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته لاڏلي عمران خان لاءِ ڪوبه قانون ناهي. هن چيو ته اهو نه سمجهيو وڃي ته هي ماتحت عدالت يا ننڍي عدالت جي توهين آهي، اهو ملڪ جي قانون تي چماٽ ۽ عدالت جي توهين آهي. هڪ شخص چوي ٿو ته هو گرفتاري نه ڏيندو. ملڪ جو قانون ۽ عدالتون هن شخص جي سامهون بيوس بڻيل آهن، ھن چيو ته ملڪ ۾ ٻه قانون نه ٿا هلي سگهن. جيڪڏهن اهو شخص اڄ ڪامياب ٿي ويو ته سڀاڻي پوليس ڪنهن به عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرائي سگهندي. هن چيو ته ملڪ ۾ اهڙي قسم جي انارڪي نه ھجڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هئڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان الحمدلله هڪ مضبوط ملڪ آهي، هي ملڪ ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، هن ملڪ کي ڪو به نقصان نه ٿو پهچائي سگهي. ڪو به اها ڌمڪي نه ڏي ته جيڪڏهن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته ملڪ کي نقصان پهچائيندا، هن چيو ته اسان سڀ گڏجي هن ملڪ جي حفاظت ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button