سنڌ

آدمشماري درست نھ ٿي تھ اسان قبول نھ ڪنداسين:وڏو وزير

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمپيوٽر جو بٽڻ دٻائي “ٻج جي سبسڊي پروگرام: ڪڻڪ جي ٻج لاءِ معاوضي” جو افتتاح ڪري ڇڏيو ۽ 12 ايڪڙ تائين زرعي زمين رکندڙ ننڍن هارين ۾ 5000 رپيا ورهائڻ واري عمل جي شروعات ڪئي ۽ 8 ڏهائي 39 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) کي منتقل ڪيا. وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل پروگرام ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ايم اين اي فريال ٽالپر، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو، وفاقي وزير شازيه عطا مري، زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ، صوبائي وزيرن، چونڊيل ميمبرن سميت عورتن ۽ مرد آبادگارن خاص طور تي شرڪت ڪئي. ان کان پھرين پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پريزنٽيشن ذريعي ٻڌايو ويو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ 4 ڏهائي 4 ملين ايڪڙ زمين مان 3 ڏهائي6 ملين ايڪڙن تي بيٺل خريف جو فصل تباهه ٿي ويو، جنهن سبب هارين کي 421 ارب رپين جو نقصان ٿيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته فصل جي تباھيءَ صوبي ۾ کاڌ خورال ۽ معاشي مسئلا پيدا ڪيا. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت پارٽي قيادت جي ھدايت تي ڪڻڪ جي ٻج کي مھيا ڪرڻ جو پروگرام بڻايو. ٻج تي سبسڊي لاءِ 13 ڏهائي 5 ارب رپيا گھربل ھئا، سنڌ حڪومت ٻج جي سبسڊي لاءِ 8 ڏهائي 39 ارب رپين جو بندوبست ڪيو ۽ وفاقي حڪومت ان پروگرام لاءِ 4 ڏهائي 7 ارب رپين جي خاص گرانٽ ڏني. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوکيءَ لاءِ مفت ٻج ڏيڻ جو پروگرام جوڙيو ھو، آبادگارن جو ڊيٽا ۽ ان جي تصديق واري عمل ڪري پوکيءَ دوران رقم ڏئي نھ سگھياسين. ھارين کي في ايڪڙ پنج ھزار رپين جي حساب سان ٻج ۽ کاڌ جي مد ۾ ڏئي رھيا آھيون، تصديق ٿيل آبادگارن جو انگ 185928 آھي، جن کي پنج ھزار رپيا في ايڪڙ منتقل ڪيا ويندا. ھن چيو تھ پھرين مرحلي ۾ 4 ڏهائي 227 ارب رپيا 185928 آبادگارن ۾ ورھايا ويندا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي 8 ڏهائي 39 ارب رپيا ڏنا ويا آھن، جنھن مان 4 ڏهائي 227 ارب رپيا ايندڙ ڏھن ڏينھن ۾ ورھايا ويندا. وڏي وزير چيو تھ اسان ڪڻڪ جو امدادي اگھھ چار ھزار رپيا رکيو آھي. ورلڊ بينڪ ھارين لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد ڪئي آھي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ هو ھارين کي ٻج جي بدران رقم جي واپسيءَ جو خواھشمند ھو، پر وفاقي حڪومت پنھنجو واعدو پورو نھ ڪيو، تنھن ڪري سندس حڪومت پھرين مرحلي ۾ 12 ايڪڙ زمين رکندڙ ننڍن آبادگارن تائين رقم جي واپسي کي محدود ڪري ڇڏيو آھي. وڏي وزير چيو تھ 4 ڏهائي 227 بلين رپين جي تقسيم کان پوءِ 4 ڏهائي 17 بلين رپيا رقم بي آءِ ايس پي وٽ بچندي، جيڪا ٻئين مرحلي ۾ 25 ايڪڙ تائين ايراضي رکندڙ ھارين ۽ پھرين مرحلي ۾ رھجي ويل 12 ايڪڙ رکندڙ آبادگارن ۾ ورھائي ويندي، اسان 25 ايڪڙ جي آبادگارن کي ٻج جي مد ۾ 5000 رپيا في ايڪڙ ڏئي رھيا آھيون. وڏي وزير سمورن زميندارن کي ھدايت ڪئي تھ 5000 رپيا سندن ھارين کي ڏين. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ اسان جي ملڪ ۾ آدم شماري ڊجيٽل طريقي سان ٿي رھي آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ آدمشماري واري وقت کي وڌايو ويو آھي. وڏي وزير چيو تھ سڄي صوبي جي عوام کي عرض آھي تھ اوھان آدمشماري تحت رجسٽر ڪرايو، جيڪڏھن نھ ڪري سگھو تھ ٽيم اوھان وٽ ايندي، آدمشماري ۾ پاڻ کي ۽ ٻين کي رجسٽر ڪرايو. وڏي وزير چيو تھ مون وفاقي حڪومت کي خط لکيو آھي تھ جيڪڏھن اھا آدمشماري درست نھ ٿي تھ اسان قبول نھ ڪنداسين. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ڳڻپ کاتي وارا جنھن کي رجسٽر ڪري رھيا آھن، ان جي ڪاپي انھن کي فراھم ڪئي وڃي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ سبسڊي پروگرام لاڳو ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين بابت ڳالھائيندي چيو تھ ھارين جي حوالي سان ڪوبھ مستند ڊيٽا موجود نھ آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ صوبي جي ڏورانھن علائقن کان ماڻھن جو وڏو انگ ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ پھتو آھي. ھن چيو تھ موبائل ايپ جي تياري ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ ايپ جي تصديق جي حوالي سان لاڳاپيل عملي کي سکيا ڏيڻ پڻ ھڪ وڏو چيلنج ھو. ان دوران ھارين پاران زمين جي ڪاغذن جي تصديق ھڪ مسئلو ھو پر سمورن مسئلن ۽ چيلنجز جو مقابلو ڪيو ويو ۽ 12 ايڪڙ ۽ 25 ايڪڙ تائين جي ھارين جو ڊيٽا بينڪ تيار ڪيو. زراعت واري سيڪريٽري اعجاز مھيسر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏيندي چيو تھ ورلڊ بينڪ موبائل ايپ بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. ان بابت نشاندھي ڪئي وئي تھ زمين جي رڪارڊ جي تصديق لاءِ تپي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون ويون آھن. وفاقي وزير شازيا مري چيو تھ بي آءِ ايس پي ويب سائيٽ تي بائيو ميٽرڪ تصديق بعد موبائل اڪائونٽ ذريعي رقم ورھائڻ لاءِ حبيب بينڪ لميٽڊ سان ڀائيواري ڪري تعلقي سطح تي 110 مرڪز قائم ڪيا آھن. شازيا مري چيو تھ صوبائي حڪومت 8 ڏهائي 39 بلين رپيا بي آءِ ايس پي کي منتقل ڪيا آھن، جنھن مان 4 ڏهائي 227 بلين رپيا ايندڙ 10 ڏينھن ۾ جاري ڪيا ويندا. واضح رھي تھ وڏي وزير چيو ھو تھ بي آءِ ايس پي وٽ باقي 4 ڏهائي 17 بلين رپيا، ٻئي مرحلي ۾ ورھايا ويندا، جنھن ۾ 25 ايڪڙ تائين ايراضي رکندڙ ھارين ۽ پھرئين مرحلي ۾ رھجي ويل آبادگارن ۾ ورھيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button