سنڌ

حڪومت واعدا پاڙي نه ته وزارتون رکڻ مشڪل ٿي پوندو:بلاول ڀٽو

پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن سان ڪيل واعدا پورا نه ٿيا ته وزارتون رکڻ مشڪل ٿي وينديون، عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، وفاقي حڪومت پنهنجا واعدا پورا ڪري، واعدو ڪيو آهي ته ان کي پورو ڪرڻو پوندو، سياسي ڪوئو زمان پارڪ ۾ بستر جي هيٺان لڪل آهي. ڪوئي جي ٽنگ ۾ تڪليف آهي، هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي رهيو آهي، سياسي ڪوئي جي بدران اسان کي معيشت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعليٰ هائوس ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي رقم ورهائڻ جي حوالي سان هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پي پي چيئرمين چيو ته موجوده حالتن ۾ هر طبقو تڪليف ۾ آهي، ٻوڏ سان پاڪستان جي معيشت کي وڏو ڌڪ لڳو، ٻوڏ سان متاثر هارين جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ننڍن هارين ۽ آبادگارن کي سپورٽ ڪيو وڃي ته ملڪ جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ زراعت جي شعبي کي سپورٽ ڪيو ويو ته اسان پنهنجون ضرورتون پوري ڪري سگهون ٿا، ٻوڏ متاثر هارين جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ٻوڏ سان 50 ملين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن، گذريل 10 سالن کان زرعي معيشت کي جنهن سيڙپڪاري جي ضرورت هئي اها نه ٿي سگهي. پرڏيهي وزير چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جنهن ڪڻڪ جي قيمت 4000 رپيا مقرر ڪئي، آصف زرداري جڏهن صدر ٿيو ته پاڪستان جا ايڪسپورٽس تمام گهٽ هئا، هر شئي پاڪستان امپورٽ ڪرائيندو هو، يوڪرين جي هارين کي ڊالر ڏئي رهيو هو. آصف زرداري جي دور ۾ زرعي شعبي تي گهڻو ڌيان ڏنو ويو ننڍن هارين کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ چاهيون ٿا، پاڪستان کي زرعي شعبي ۾ پاڻڀرو بنائڻ پهرين ترجيح آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ زرعي شعبي کي سپورٽ نه ڪيو ويو، جنهن سان زرعي شعبي جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون ويون، معاشي سڌاري لاءِ زرعي شعبي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ننڍن هارين جي مدد ڪنداسين. ننڍن هارين جي مدد ڪري زرعي پيداوار وڌائينداسين، وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن سان جيڪي واعدا ڪيا اهي واعدا پورا ڪري، ٻوڏ ۾ 5 ملين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿيو آهي. پي پي چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت 8.39 ارب رپيا هارين جي مدد لاءِ رکيا آهن وفاقي حڪومت 4 ڏهائي ارب رپين جو واعدو ڪيو آهي، وفاق کي ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪيل واعدا پورا ڪرڻا پوندا، متاثرن سان واعدا پورا نه ٿيا ته وزارتون رکڻ مشڪل ٿي وينديون. پرڏيهي وزير چيو ته آدمشماري تي اسان خدشا ظاهر ڪيا، سنڌ ۽ ٻين صوبن جي تعداد ۾ صاف فرق هو، رڳو 5 سيڪڙو بلاڪ تي ٻيهر آدمشماري جو چيو ته جيئن حقيقت جو پتو پئجي سگهي. اهو ڪم نه ٿيو، انهيءَآدمشماري تي 2018 جون چونڊون ٿيون، پيپلز پارٽي هي خدشا لاڳيتو اٿاريا، اليڪشن ويجهو آهي ته اعلان ٿيو ته ڊجيٽل آدمشماري ٿيندي. جيڪو فيڊ بيڪ اسان کي مليو آهي ان ڊجيٽل آدمشماري تي پيپلز پارٽي ۽ عوام جا به خدشا آهن بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن انهيءَ طريقي سان آدمشماري ٿيڻي آهي ته پيپلزپارٽي کي قبول نه آهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت اسان جي اعتراضن کي نٿي ڏسي ته صوبائي حڪومت آدمشماري ۾ گڏ نه هوندي، وفاقي حڪومت پاڻ آدمشماري ڪري وٺي. پيپلزپارٽي هڪ سائنٽفڪ ۽ حقيقي آدمشماري کي سپورٽ ڪري سگهي ٿي، اهڙي قسم جي آدمشماري کي اسان سپورٽ نٿا ڪري سگهون. بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي وارو ماحول قائم ٿي چڪو آهي، خانصاحب جهڙا سياستدان سياست ۾ نفرت کڻي آيا، زمان پارڪ ۾ سياسي ڪوئو بستر جي هيٺان لڪل آهي، سڀني جو ڌيان ڪوئي بدران ملڪي مسئلن ڏانهن هئڻ گهرجي، سڀني جو ڌيان ملڪ جي تاريخي بحران طرف هئڻ گهرجي. پي پي چيئرمين چيو ته پيپلزپارٽي هڪ نظرياتي جماعت آهي، اسان جو ڪوئي دشمن نه آهي، اسان جو مقابلو بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت سان آهي. اسان جو مقابلو ڪنهن سليڪٽڊ ۽ ڪٺپتلي جماعت سان نه آهي، اسان هميشه عوام جي مسئلن کي ترجيح ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button