سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران نيازي وٽ ريليون ڪڍڻ لاءِ وقت آهي. پر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو وقت ناهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته عمران خان نااهلي کان بچڻ لاءِ تاخيري حربا استعمال ڪري رهيو آهي. عمران خان چاهي ٿو ته سندس گرفتاري جو تماشو ٿئي ۽ رتو ڇاڻ ٿئي. هن چيو ته عمران نيازي لاءِ ڪوبه قانون ناهي. هو آئين ۽ قانون کان مٿانهون آهي. مني لانڊرنگ ۽ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس گذريل 10 سالن کان هلي رهيو آهي، اڃا تائين فيصلو نه ٿي سگھيو آهي. بي آر ٽي پشاور ۾ اربين رپين جي ڪرپشن سامهون آئي آهي پر کانس پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪير به ناھي. ھن وڌيڪ چيو ته مالم جبا، بلين ٽري سونامي جھڙا اسڪينڊل داخل دفتر ٿي ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ڪيترا به بهانا ڪري وٺي، نااهلي ۽ جيل سندس مقدر بڻجي چڪو آهي. صوبائي وزير چيو تہ هاڻي پي ٽي آءِ ۾ جنگ ٻئين ۽ نمبر ٽئين وچ ۾ آهي ته عمران خان جي جاءِ ڪير ٿو ولاري. هن چيو ته عمران خان پنجاب صوبو به پي ٽي آءِ جي پراڻن ڪارڪنن کي نظرانداز ڪري ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close