پاڪستانسنڌ

آدمشماري جو رڪارڊ ڊي سيز ۽ عام ماڻهن کي به ڏنو وڃي:مراد شاهه

سيیوھڻ: وزيراعلى سنڌ سيد مراد علي شاهه سيوهڻ پهچي حضرت لال شهباز قلندر جي 771 هين عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن تي مزار تي چادر چاڙهي دعا ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪئپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفى وڏي وزير کي يادگار شيلڊ پيش ڪئي. بعد ۾ وڏي وزير غريب عورتن ۾ ڪپڙا ۽ تحفا ورهايا. ان موقعي تي وڏي وزير جو اوقاف کاتي بابت خصوصي معاون پير سيد احمد رضا شاهھ جيلاني، صوبائي صلاحڪار بئرسٽر مرتضي وهاب، ايم اين اي سڪندر راھپوٽو، مخدوم ضمیير، امان اللہ شاھاڻي، سيڪريٽري اوقاف منور علي مهيسر، ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊي آئي حيدرآباد سيد پير محمد شاهه، ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي ۽ ٻيا موجود هئا. وڏي وزير مراد علي شاهه مزار جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حضرت لال شهباز قلندر جي 771هين عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن تي حاضري ڀرڻ ۽ دعا ڪرڻ لاءِ آيو آهيان، هن ڀيري سيڪيورٽي سميت سمورا انتظام بهتر طريقي سان ڪيا ويا، الله جي ڪرم سان عرس مبارڪ خير سان پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويو. هڪ سوال تي هن چيو ته مردمشماري بابت وفاق کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته جنهن جي ڳڻپ ڪئي وڃي، ان کي ان جي هڪ ڪاپي ڏني وڃي ته جيئن اهي پنهنجي انداراج بابت معلومات حاصل ڪري سگهن ۽ ڊي سيز کي ان جو رڪارڊ ڏنو وڃي ته جيئن اهي ڪنهن غلطي جي صورت ۾ ان کي صحيح ڪري سگهن، هن چيو ته اليڪشن کان وڌيڪ اهم مسئلو مردمشماري جو آهي، جيڪو حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. تحريڪ انصاف جي ورڪر ظل شاهه جو قتل افسوسناڪ آهي پر ان ۾ تحريڪ انصاف ۽ پوليس جو الڳ الڳ موقف سامهون آيو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان حڪومت آئي ايم ايف سان جيڪي معاهدا ڪيا، ان تان اهي ڦري ويا، ان ڪري هاڻي آئي ايم ايف وارا غير يقيني جي ڪري سخت شرطون رکي رهيا آهن. هڪ سوال تي مراد علي شاهه چيو ته برساتن کانپوءِ سنڌ حڪومت تڪڙا اپا ورتا، جنهن جي ڪري ڪڻڪ جي بهتر پيداوار ٿيندي. پ پ هميشه پنهنجي عوام جي مدد ڪئي آهي، تمام جلد هارين ۽ عام ماڻهن کي امدادي رقم جاري ڪئي ويندي، اسان هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي عوام سان گڏ هئاسين ۽ رهنداسين. توشه خانه جي فهرست جاري ٿيڻ بابت هن چيو ته عمران خان کانسواءِ جنهن به تحفا ورتا، اهي وڪرو نه ڪيا آهن، پر عمران خان ڪوڙيون رسيدون ٺاهي پنهنجا تحفا ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪيا ۽ انهن کي پنهنجن گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button