سنڌ

پاڪستان ۾ ڏڪار،ٻوڏ ۽ سمنڊ جي سطح ۾ واڌ جا خطرا،غربت جو خاتمو اڻٽر آهي:ورلڊ بئنڪ

پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب وڏن خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، غربت جي خاتمي لاءِ اهم قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ ڏڪار، ٻوڏ ۽ سمنڊ جي سطح ۾ واڌ سبب ناگزير واقعن جا امڪان موجود آهن. اها ڳالهه ورلڊ بينڪ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد جنهن جي اڳواڻي ان جي ريجنل ڊائريڪٽر فار سسٽينبل ڊولپمينٽ (ايس ڊي) ڏکڻ ايشيا مسٽر جان اي روم ڪئي، وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ سامهون آئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هڪ پريزنٽيشن ذريعي ورلڊ بئنڪ جي ريجنل ڊائريڪٽر ڏکڻ ايشيا اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ غربت ۾ تازو اضافو ميڪرو مالياتي ڪمزورين، گهٽ ۽ غير مستحڪم ترقي جي شرح سبب آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ غربت جو سبب معاشي عدم استحڪام، پرڏيهي ترسيل ۾ گهٽتائي، في ماڻهو جي ڊي پي غير مستحڪم ۽ گهٽتائي جو شڪار آهي. اسٽرڪچرل معاملن سميت گردشي قرضو، وڏي ۽ غير پيداواري سبسڊي جي نظام ۽ ناقص ٽيڪس اوڳاڙي مالي دٻاءُ ۽ انساني سرمائي، بنيادي انفرااسٽرڪچر ۽ خدمت ۾ محدود سيڙپڪاري ۾ واڌ ڪندو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان گهٽ جي ايڇ جي گئس خارج ڪندڙ ملڪ آهي پر پاڪستان وٽ پنهنجي مفاد ۾ ماحول کي بهتر بڻائڻ جا موقعا موجود آهن. پاڪستان 1990-2018 ۾ گرين هائوس گيس جي ٽوٽل اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي. GHG اخراج عالمي سراسري جي هڪ ڏهائي ٽي کان به گهٽ آهي. في جي ڊي پي جي حساب سان GHG جو اخراج ٿي رهيو آهي پر اهو عالمي تناسب کان گهٽ آهي. آبادي جي واڌ ۽ معاشي ترقي سبب GHG جو اخراج تيزي سان وڌي رهيو آهي، تنهنڪري صنعت، بجلي ۽ ٽرانسپورٽ ۾ ڊي ڪاربنائيزيشن جي اهم آپشن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪي مقامي فائدا فراهم ڪن ٿا. موسمياتي تبديلي اڳ ۾ ئي ملڪ تي تباهي جا اثر ڇڏي رهي آهي. 2022 ۾ غير معمولي ٻوڏ سان ملڪ جو هڪ ڏهائي ٽي حصو پاڻي هيٺ آيو ۽ 1700 فوتگيون ٿيون، جنهن سان اٽڪل 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، تنهنڪري پاڪستان کي بحالي لاءِ 16 ارب ڊالر جي ضرورت آهي. رپورٽ موجب 2022ع جي ٻوڏ پاڪستان جي 2030ع تائين پاڪستان ۾ سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ گرلز (SDGs) حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندي. اٽڪل 8 ڏهائي 4 کان 9 ڏهائي هڪ ملين ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ هوندا ۽ 6 کان 7 ملين ماڻهو مالي بحران سان متاثر ٿيندا. 7 ڏهائي 6 ملين ماڻهو غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، 17 ملين عورتون ۽ ٻارن کي لاڳاپيل بيمارين جو خطرو آهي، 4 ڏهائي 3 ملين ماڻهن کي روزگار جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ 640000 عورتون ۽ نياڻيون GBV ۽ ننڍي عمر جي شادين کي منهن ڏئي سگهن ٿيون. ٻوڏ کانپوءِ جي صورتحال اسان کي هڪ ڊگهي عرصي ۽ منظم حڪمت عملي جوڙڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جامع ۽ منظم بحالي سان عوام ۽ پاڪستان لاءِ پائيدار ترقي ٿيندي. رپورٽ موجب بحالي جي اهم شعبن ۾ ملازمن، روزگار، اهم اثاثن، خدمتن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي، نئين سِر تعمير لاءِ پائيدار حڪومت ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي صلاحيتن ۾ واڌ خاص طور تي ڪميونٽيز شامل آهن. اهڙن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مضبوط معيشت جي ضرورت هوندي، جيڪا ترقي جي رستي تي وٺي وڃڻ ۽ برابري واري ترقي ۽ مضبوط ڪري سگهي ۽ موسمي تبديليءَ جي ڪري پيدا ٿيندڙ انساني، عبوري ۽ مالي خطرن جي اثرن کي محدود ڪري سگهي. سنڌ جي وڏي وزير پي اينڊ ڊي ٽيم کي هدايت ڪئي ته هو ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ ۽ سفارشن جو مطالعو ڪري ۽ ان رپورٽ جي روشنيءَ ۾ پنهنجو ترقياتي پلان مرتب ڪري ته جيئن پائيدار ترقي ذريعي صوبي مان غربت جو خاتمو آڻي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button