سنڌ

پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 44 هزار رپيا هجڻ گهرجي:سعيد غني

پورهئي ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سعيد غني تجويز ڏني آهي ته پورهيت جي اجرت گهٽ ۾ گهٽ 44 هزار رپيا هجڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پهريان پورهيت جي ماهوار اجرت 25 هزار رپيا مقرر هئي پر هاڻي ڊالر مهانگو ٿيو آهي، 160 ڊالر جي حساب سان گھٽ ۾ گھٽ ماھوار اجرت طئي ڪريون ٿا، اسان سيسي ۾ ڊيٿ گرانٽ 5 لک مان وڌائي 7 لک رپيا ڪري ڇڏي آهي شادي گرانٽ هڪ لک مان وڌائي ٻه لک رپيا ڪري ڇڏي آهي تعليم لاءِ ٻارڙن جي يونيفارم ۽ ٻين لاءِ گرانٽ ۾ 6000 ڪئي وئي هئي ۽ هاڻي ان ۾ به اضافو ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته عدالتن ۽ ججز جو ڪم امن امان قائم ڪرڻ نه پر فيصلا ڪرڻ آهي، امن قائم ڪرڻ جي ذميواري حڪومتن جي آهي هن ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ هڪ هجڻ گهرجي ۽ عدالتون به سڀني لاءِ هڪ جهڙيون هجڻ گهرجن انصاف جا ٻٽا معيار نٿا هلي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button