پاڪستانعالمي

پشاور زلمي ٽيم اسلام آباد کي شڪست ڏئي پي ايس ايل ميلي مان ٻاهر ڪري ڇڏيو

پاڪستان سپر ليگ جي اٺين سيزن ۾ بابر اعظم جي ٽيم پشاور زلمي پهرئين اليمينٽر دنگل ۾ شاداب خان جي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 12 رنسن تان شڪست ڏئي ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي، پشاور جو فائنل لا هاڻي لاهور سان مقابلو ٿيندو. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پشاور زلمي پهرين بئٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 183 اسڪور ڪيو، جنهن ۾ ڪپتان بابر اعظم جي 64 رنسن جي شاندار اننگز شامل هئي، جڏهن ته محمد حارث 34 ۽ صائم ايوب 23 رنسون ٺاهي سگهيا. موٽ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽيم صهيب مقصود ۽ ايلڪس هيلز جي ففٽين باوجود 6 وڪيٽون وڃائي 171 رنسن تائين محدود رهي. شاداب خان 26 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو پر ٽيم کي سوڀ ڏياري نه سگهيو. مئچ دوران پشاور زلمي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽي-20 ڪرڪيٽ ۾ 245 اننگز دوران سڀ کان تيز 9 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون. هوڏانهن پي سي بي اختيارين پاڪستان سپر ليگ جي فائنل جو شيڊيول تبديل ڪري آچر بدران ڇنڇر تي فائنل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي سي بي ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي مطابق ايندڙ آچر تي لاهور ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، تنهن ڪري فائنل هڪ ڏينهن اڳ ڇنڇر 18 مارچ تي کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button