پاڪستانپنجاب

زمان پارڪ لاهور ۾ پوليس آپريشن تي اسٽي برقرار، عدالت تحريڪ انصاف کي جلسي کان روڪي ڇڏيو

لاهور هائيڪورٽ تحريڪ انصاف کي ايندڙ آچر تي مينار پاڪستان وٽ جلسي کان روڪي ڇڏيو، ها ڪورٽ جي جج چيو آهي ته منع ڪرڻ باوجود جيڪڏهن جلسو ڪيو ويو ته مان حڪم نامو جاري ڪندس، عدالت زمان پارڪ ۾ عمران خان جي گرفتاري لا روڪيل آپريشن کي پڻ وڌيڪ هڪ ڏينهن روڪڻ جو حڪم ڏيندي اڄ تائين معطل ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ها ڪورٽ ۾ ڪيس جي شنوائي ڪندي جسٽس طارق سليم شيخ تحريڪ انصاف اڳواڻن کي هدايت ڪندي چيو ته آ جي پنجاب ۽ چيف سيڪريٽري سان گڏ ويهي ڪو مڪينزم جوڙيو، توهان نظام کي هلڻ ڏيو. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته لاهور ۾ پي ايس ايل مئچون ٿي رهيون آهن ۽ اها به خبر پئي آهي ته تحريڪ انصاف آچر جي ڏينهن مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻ وڃي رهي آهي، پي ٽي آ آچر تي جلسو نه ڪري، پنهنجي ريلي اڳتي پوئتي ڪريو، جيڪڏهن پو به جلسو نه روڪيو ويو ته حڪم نامو جاري ڪندس، توهان کي جلسو ڪرڻو آهي ته 15 ڏينهن اڳ پلان ڏيو، ڪو شادي به ڪندو آهي ته پهرين رٿابندي ڪندو آهي، خدا جي واسطي عوام جي زندگي ۽ نظام کي هلڻ ڏيو. جسٽس طارق سليم چيو ته توهان کي اندازو ناهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران قوم جي ڪيتري بي عزتي ٿي آهي، قانون ۾ حل موجود آهي، ان مطابق ئي حل ڳوليو وڃي. شنوائي دوران آءِ جي پنجاب تحريڪ انصاف ڪارڪنن پاران پوليس تي حملي جي تياريءَ واريون تصويرون عدالت ۾ پيش ڪيون، آءِ جي پنجاب چيو ته جيتري اسان جي بي عزتي ٿي آهي اها ئي ڪافي آهي. جسٽس طارق سليم شيخ آءِ جي پنجاب ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گڏجي ويهي معاملا ڪليئر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عمران خان جي سيڪيورٽي جو مسئلو ۽ قلم 144 جو معاملو ويهي حل ڪريو. جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته مون گرفتاري وارنٽ واري معاملي کي نه ڇيڙيو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وارنٽس تي عملدرآمد نه روڪيو آهي. هاءِ ڪورٽ ڪيس جي شنوائي اڄ جمعي تي صبح جو 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهوڪي شنوائي جو لکت ۾ فيصلو به جاري ڪيو ويو، جنهن تحت زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن تي منع نامي جي حڪم ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button