پاڪستانپنجاب

عدالت ۾ پيش ٿيندس، انهن کي جيل ۾ مون سان سواتي ۽ شهباز وارو سلوڪ ڪرڻو هو:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو، 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيندس، ملڪ جي ترقي ۽ جمهوريت خاطر ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان، گرفتار ڪري انهن کي مون سان اهو ئي سلوڪ ڪرڻو هو جيڪو اعظم سواتي ۽ شهباز گل سان ڪيو ويو، مون کي جيل ۾ وجهڻ لنڊن پلان جو حصو آهي. لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته هي پوليس ذريعي مون کي پڪڙي اهو ئي ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو اعظم سواتي سان ڪيو ويو، ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جي سربراهه کي فوج پڪڙڻ اچي وڃي ٿي، جڏهن مون چئي ڇڏيو ته مان 18 مارچ تي عدالت اچي رهيو آهيان ته پو هي ڊرامو ڇو پيو ڪيو وڃي، هي بدنيت هئا ۽ مون کي جيل وٺي وڃڻ چاهين ٿا، جيڪو لنڊن ۾ ويٺو آهي اهو چوي ٿو ته عمران کي جيل ۾ وجهو تڏهن مان واپس ايندس. عمران خان چيو ته مون کي خبر هئي ته مون کي 18 مارچ تي عدالت ۾ وڃڻو آهي پر 15 مارچ تي پوليس پهچي وڃي ٿي، عدالت به انهن کان پڇيو ته 3 ڏينهن هن سان ڇا ڪرڻو اٿو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته منهنجي گهر تي ائين حملو ڪيو ويو ڄڻ مان دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد هجان، گذريل 25 سالن کان ماڻهو مون کي سڃاڻين ٿا، پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسو عوام مون کي ڏنو آهي، مون 3 خيراتي اسپتالون ۽ 2 يونيورسٽيون ٺاهيون آهن، اصل ۾ هي ڊنل آهن ته متان اليڪشن نه ٿي وڃي ۽ عمران خان اقتدار ۾ نه اچي وڃي. هن چيو ته جڏهن مون کي خبر پئي ته ايتري فورس وٺي هتي آيا آهن ته ان کانپو مون لاهور ها ڪورٽ جي صدر کي يقين ڏياريو ۽ هن لاهور ها ڪورٽ کي وڃي ٻڌايو ته عمران عدالت پهچي ويندو. هن چيو ته مون کي جيل ۾ وجهڻ جي ڪوشش لنڊن پلان جو حصو آهي، نواز شريف کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته عمران خان کي جيل ۾ وجهنداسين. ٻئي طرف ميڊيا کي ڏنل بيان ۽ ٽوئيٽر پيغام ۾ عمران خان چيو ته چونڊون ڪنهن به صورت ۾ 90 ڏينهن کان اڳتي وڃڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن چونڊون مقرر وقت کان اڳتي ويون ته آئيني تحريڪ هلائينداسين، منهنجي گرفتاري عدالت ۾ پيش ڪرڻ نه پر مون کي مارڻ لاءِ آهي، مون عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو، هي مون کي اتي گهرائي رهيا آهن، جتي مون کي سيڪيورٽي جا خدشا آهن. هن چيو ته مان قانون جي حڪمراني ۽ عملدرآمد تي يقين رکان ٿو، پاڪستان جي ترقي، ملڪي مفاد ۽ جمهوريت لا مان ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندس، ان سلسلي ۾ ڪنهن سان به ڳالهائڻ لا تيار آهيان ۽ ان واٽ تي هر قدم کڻي سگهان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button