سنڌ

راشن نه هجڻ تي نوجوان ڪٽنب سميت زهر پي ڇڏيو،ٻارڙي فوت

سرجاني ٽائون ۾ ڪافي عرصي کان بيروزگار شخص گهر جي معاشي حالتن کان تنگ اچي سخت قدم کنيو ۽ پنهنجي 2 نوجوان ڌيئرن ۽ زال کي زهر ڏيڻ بعد پاڻ به زهر پي ڇڏيو.هڪ ٿڃ پياڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي، مڙس، زال ۽ وڏي ڌيءَ جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي آهي. رپورٽ موجب سرجاني ٽائون ٿاڻي جي حد سرجاني ٽائون سيڪٽر 11 ۾ ڪافي عرصي کان بيروزگار شخص گهريلو معاشي حالتن کان تنگ اچي انتهائي سنگين قدم کنيو ۽ پنهنجي 2 نوجوان ڌيئرن ۽ زال کي زهر ڏيڻ بعد پاڻ به زهر پي ڇڏيو.چارئي گهرڀاتي بيهوش ٿي ويا، جن کي ايڌي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ ابهم ٻارڙي علاج دوران فوت ٿي وئي. سرجاني ٽائون بشير وڍو ٻڌايو ته زهر کائڻ وارن ۾ 40 ورهين جو اظهر خان ولد مظفر خان، سندس گهر واري 35 ورهين جي فاطمه، ٻه نياڻيون 2 ورهين جي امڙ شامل آهن. ايمن ۽ 4 ورهين جي ام هانيه، 2 ورهين جي ڌيءَ عباسي، شهيد اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻين جي حالت نازڪ آهي. ان حوالي سان ايس ايڇ او سرجاني ٽائون بشير وڍو ٻڌايو ته زهر کائڻ وارن ۾ 40 ورهين جو اظهر خان ولد مظفر خان، سندس گهر واري 35 ورهين جي فاطمه، ٻه نياڻيون 2 ورهين جي ام ايمن ۽ 4 ورهين جي ام هانيه شامل آهن، 2 ورهين جي ام ايمن عباسي شهيد اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻين جي حالت نازڪ آهي.زهر کائيندڙ اظهر کي عباسي شهيد اسپتال مان جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس زال ۽ هڪ ڌيءَ عباسي شهيد اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته اظهر ڪافي عرصي کان بيروزگار هو ۽ روزگار نه ملڻ سبب گهرن ۾ جهيڙا هلي رهيا هئا، گهر جي معاشي حالتن کان تنگ اچي اظهر انتهائي سنگين قدم کنيو. عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل اظهر جي ڀاڄائي ٻڌايو ته سندس مڙس وٽ اظهر جو موبائل فون تي فون آيو ته اسان سڀني زهر پيتو آهي ۽ اسان جي حالت خراب ٿي وئي آهي، اسان جيئن ئي سندس گهر پهتاسين ته سندن حالت انتهائي خراب ٿي هئي. هن چيو ته سندس ڏير ڪافي عرصي کان بيروزگار هو، جنهن دوران کيس هڪ جاءِ تي نوڪري ملي، پر خبر ناهي ڇو اها نوڪري به وڃائي ويٺو. هن چيو ته سندس پنهنجي ڏير جي گهر اچڻ وڃڻ گهٽ هو پر ساڻن موبائيل فون تي رابطو رهندو هو، ڏير کي ٻه نياڻيون آهن، جن مان هڪ علاج دوران فوت ٿي وئي آهي، ڏير ۽ ڏيراڻي جي حالت به ٺيڪ ناهي. هن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ته ايمرجنسي واري صورتحال تي غور ڪيو وڃي ۽ هن مهانگائي سبب عوام پنهنجي گهرن ۾ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، خدا جي واسطي غريبن جي حال تي رحم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button