پاڪستانرانديون

پي ايس ايل مان پشاور زلمي به ٻاهر، لاهور قلندرز جو اڄ فائنل ۾ ملتان سان ٽڪر ٿيندو

پاڪستان سپر ليگ جي دفاعي چئمپين لاهور قلندرز اٺين سيزن ۾ به فائنل لا ڪواليفا ڪري ورتو آهي، شاهين شاهه آفريدي جي ٽيم ٻئي ايليمينٽر دنگل ۾ بابر اعظم جي پشاور زلمي کي 4 وڪيٽن تان هارائي واپسي جي ٽڪيٽ ڏياري ڇڏي، اڄ پي ايس ايل سيزن- 8 جو فائنل لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ کيڏيو ويندو. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پشاور زلمي ٻئي ايليمينٽر دنگل ۾ ٽاس کٽڻ بعد پهرين بئٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ وڪيٽ ڪيپر بئٽر محمد حارث 85 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي نمايان رهيا، بابر اعظم 42 ۽ راجاپاڪسي 25 رنسون ٺاهي سگهيو. موٽ ۾ لاهور قلندرز گهربل هدف ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 19 هين اوور ۾ پورو ڪري فائنل جي ٻي سيٽ سنڀالي ورتي. فاتح ٽيم طرفان مرزا بيگ 54، سيم بلنگز 28 ۽ سڪندر رضا 23 رنسن سان ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پي ايس ايل سيزن-8 جي چئمپين ٽيم جو فيصلو اڄ ٿيندو، قذافي اسٽيڊيم ۾ لاهور جو مقابلو ملتان سلطانز سان ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button