پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف جو لاهور ۾ آچر بدران سومر تي جلسي جو فيصلو،حڪومت سان معاهدو طئي

تحريڪ انصاف مينار پاڪستان تي جلسو آچر بدران سومر تي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جڏهن ته 14 ۽ 15 مارچ تي داخل ٿيل ڪيسن جي جاچ ۾ سهڪار لا به تيار ٿي وئي آهي، ان حوالي سان پنجاب حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. ذريعن موجب پنجاب حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ معاهدو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو، معاهدي تحت تحريڪ انصاف وارنٽ مڪمل ڪرڻ ۽ سرچ وارنٽس لاءِ پوليس سان سهڪار ڪندي ۽ گذريل ٻن ڏينهن دوران داخل ڪيسن جي جاچ ۾ سهڪار ڪيو ويندو. معاهدي تحت اهو طئي ٿيو آهي ته جلسو سومر تي ٿيندو ۽ ڊي سي لاهور کي باقاعده درخواست ڏني ويندي، ڊپٽي ڪمشنر پي ٽي آءِ جي جلسي جي درخواست کي قانون موجب ڏسندو، زمان پارڪ جي اندر پرسنل ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي جي آڊٽ ڪري سگهبي، ضرورت پوڻ تي ڊي آءِ جي سيڪيورٽي بانڊ وٺڻ جو مجاز پڻ هوندو. پنجاب پوليس طرفان ايس ايس پي عمران ڪشور فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان شبلي فراز ۽ علي خان فوڪل پرسن هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button