پاڪستانپنجاب

حڪومت عمران کي دهشتگردن وانگر منهن ڏئي، گرفتار ڪرڻو هجي ته 5 منٽ به وڏا آهن:مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته حڪومت کي عمران خان سان ائين ڊيل ڪرڻ گهرجي جيئن دهشتگردن کي منهن ڏبو آهي، مان چاهيان ٿي ته عمران کي گرفتار ڪرڻ بعد داخل ڪيسن ۾ عدالتن سامهون پيش ڪيو وڃي. لاهور ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي مريم چيو ته هاڻي جيئن ته عمران خان جون اصل بيساکيون ۽ سهارا هليا ويا آهن ته هي کليل نموني سامهون اچي رهيو آهي، سندس سهولتڪارن جون باقيات اڃا به موجود آهن جن تي اسان اک رکيو ويٺا آهيون، جهڙي نموني رياست دهشتگردن سان منهن ڏيندي آهي ائين ئي عمران خان سان ڊيل ڪرڻ گهرجي، تحريڪ انصاف کي سياسي جماعت جي حيثيت ۾ ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي گرفتار ڪرڻو هجي ۽ رياست چاهي ته کيس پڪڙڻ 5 منٽن کان وڌيڪ جو ڪم ناهي پر رتوڇاڻ نٿي چاهي، رياست جي ڪمزوري فقط هٿين خالي عوام آهي، زمان پارڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ائين آهي جڏهن چورن ۽ ڦوروئن کي پڪڙڻ وڃبو آهي ته پوليس تي حملو ڪيو ويندو آهي، عمران خان پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ دهشتگردن جي مدد سان پوليس تي حملا ڪيا. مريم نواز الزام هنيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن جي ماڻهن کي زمان پارڪ ۾ رکيو ويو ته جيئن رياست تي حملي جي ضرورت پوي ته تربيت ورتل دهشتگردن کي استعمال ڪيو وڃي، مان چوان ٿي ته عمران کي گرفتار نه ڪيو وڃي، کيس عدالت ۾ پيش ڪري مٿس ڪيس هلايا وڃن ۽ ڪيسن جو فيصلو ٿيڻ بعد گرفتار ڪيو وڃي. عدالت طرفان عمران خان کي گرفتار نه ڪرڻ واري حڪم تي ردعمل ظاهر ڪندي مريم نواز چيو ته مون کي ٻڌايو وڃي ته اها سهولت ٻين ڪيترن پاڪستانين کي مليل آهي، عدالتن کي چونديس ته انصاف ڪن، جيڪڏهن حڪمن تي عمل نه ٿيڻ باوجود عدالتون چپ رهنديون ته سوال اٿندا. هن وڌيڪ چيو ته زمان پارڪ وارا منظر 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن نظر نه آيا، سياسي ۽ جمهوري جماعتن ته مقصد لاءِ جيل، جلا وطني ۽ ڦاهيون قبول ڪيون، انهن وري پوليس ۽ رياست تي حملو ڪيو، اها رياست خلاف سرعام بغاوت آهي، 2014 کان ائين ئي ٿي رهيو آهي. هن چيو ته جسٽس کوسي نواز شريف کي جهڙن لفظن سان سڏيو، اڄ ڏسي وٺو ته گاڊ فادر، ڊان ۽ سسيلين مافيا ڪير آهي ۽ ڪيئن هوندي آهي، هي شخص شروع کان رياست تي حملا ڪندو رهيو آهي، ڇا ٽيريان وارو ڪيس ڪوڙو آهي؟ هي ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button