اسلام آبادپاڪستان

عمران خان کي وڏو رليف، گرفتاري وارنٽ معطل، 9 ڪيسن ۾ 27 مارچ تائين حفاظتي ضمانت منظور

لاهور ها ڪورٽ عمران خان جي 9 ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، تحريڪ انصاف جي سربراهه کي دهشتگردي قلمن تحت 3 ڪيسن ۽ ظل شاهه جي موت واري ڪيس ۾ 27 مارچ تي حفاظتي ضمانت ڏني وئي، جڏهن ته عدالت پنجاب ۾ داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. لاهور ها ڪورٽ ۾ جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس فاروق حيدر تي مشتمل 2 رڪني بئنچ عمران خان طرفان دهشتگردي ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت لا داخل درخواستن جي شنوائي ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آ چيئرمين زمان پارڪ کان سخت سيڪيورٽي ۽ سوين ڪارڪنن جي گهيري ۾ عدالت تائين پهتو ۽ ڪورٽ اڳيان پيش ٿيو. عمران خان جي وڪيل چيو ته سندس مئوڪل لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر ڪجهه ڪيسن جا تفصيل اسان وٽ نه آهن. جسٽس طارق سليم شيخ رمارڪس ڏنا ته اسان انهن ئي ڪيسن کي ڏسنداسين جن جون درخواستون اسان وٽ آهن، اسان توهان کي بلينڪٽ بيل نٿا ڏئي سگهون. عمران خان چيو ته مون تي ايترا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جو ڪجهه سمجهه ۾ ئي نٿو اچي، هڪ ڪيس ۾ ضمانت ڪرايون ٿا ته وري ٻيو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو، منهنجي گهر تي به حملو ڪيو ويو. جسٽس طارق سليم شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان کي ڪجهه شين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، خان صاحب! ان ڪيس کي توهان غلط هينڊل ڪيو، تڏهن ئي معاملا خراب ٿيا آهن، جيڪڏهن توهان سسٽم سان گڏ هلندئو ته ٺيڪ رهندو، توهان کي پنهنجي معاملن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. عمران خان چيو ته مون سيشن ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب ٻئي هنڌ شنوائي منتقل ڪرڻ جو چيو، مون چيو هو ته مناسب سيڪيورٽي ڏيو، جنهن تي جسٽس طارق سليم چيو ته خان صاحب! ان ڪيس کي توهان جي طرفان غلط هينڊل ڪيو ويو آهي. جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته عمران خان جي وڪيلن ٻڌايو آهي ته هيل تائين پي ٽي آءِ چيئرمين تي 94 ڪيس ٿي چڪا آهن، 6 ٻيا ڪيس ٿي ويا ته سينچري ٿي ويندي، اها نان ڪرڪيٽ سينچري هوندي. ٻه رڪني بئنچ عمران خان جي دهشتگردي ٽوڙ قلمن تحت ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت ايندڙ جمعي تائين عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ دهشتگردي جي 8 ڪيسن ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت 24 مارچ تائين منظور ڪئي، جڏهن ته ٻين ڪيسن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ رد ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. جڏهن ته ڪيس جي شنوائي سيشن ڪورٽ کان جڊيشل ڪامپليڪس منتقل ڪئي وئي آهي، عدالت چيو آهي ته عمران خان اڄ عدالتي وقت اندر پيش ٿئي نه ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي. ڪالهه عمران خان طرفان توشا خانا ڪيس ۾ جاري سيشن ڪورٽ جي گرفتاري وارنٽ خلاف درخواست تي شنوائي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي، لاهور مان ئي عمران خان جي بائيو ميٽرڪ ڪرائي وئي، جنهن کانپوءِ شنوائي شروع ٿي. عدالت جي روبرو عمران خان جو وڪيل خواجا حارث، بئريسٽر گوهر پيش ٿيا، پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز به عدالتي ڪمري ۾ موجود رهيو. چيف جسٽس چيو ته اميد نه هئي ته توهان هتي هوندئو، جنهن تي خواجا حارث چيو ته مان فيصلو ٽرائل ڪورٽ سامهون رکيو هو. هن عدالت جيڪو فيصلو ڏنو هو، ٽرائل ڪورٽ ان کي نظرانداز ڪيو. عدالت چيو ته بائيو ميٽرڪ سميت مختلف اعتراض به آهن، ان تي خواجا حارث چيو ته بائيو ميٽرڪ اسان لاهور مان ڪرائي ورتي آهي. عدالت عمران خان جي درخواست تي اعتراض ختم ڪري ڇڏيا ۽ عمران خان جي وڪيلن کي بائيو ميٽرڪ جي رسيد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته هن عدالت انڊر ٽيڪنگ ۽ شوئرٽي بابت ٽرائل جو چيو هو ته اطمينان ڪري آرڊر ڪن، ڇو ٽرائل ڪورٽ انڊر ٽيڪنگ منظور نه ڪئي؟ خواجا حارث چيو ته ٽرائل ڪورٽ لاهور واقعي کي نظر ۾ رکندي انڊر ٽيڪنگ منظور نه ڪئي، مان چيو هو ته لاهور واقعي بابت ڪارروائي اتي ٿي رهي آهي. عدالت پڇيو ته ڇا توهان جي انڊر ٽيڪنگ هاڻ به موجود آهي؟ ان تي خواجا حارث چيو ته ها عمران خان جي انڊر ٽيڪنگ هاڻ به موجود آهي. چيف جسٽس چيو ته مون ايڊمنسٽريٽو سائيڊ تي سيڪيورٽي بابت چئي ڇڏيو آهي، سيشن جج کي به ان حوالي سان چئي ڇڏيو آهي. خواجا حارث چيو ته عمران خان اڄ عدالت سامهون پيش ٿيندو، عمران خان کي اهو خطرو آهي ته مٿس حملو ٿي سگهي ٿو، حڪومت وٽ به ان حوالي سان ڄاڻ آهي. چيف جسٽس چيو ته سيشن ڪورٽ يقينن توهان جي پيشي تي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي، انڊر ٽيڪنگ جو مطلب عدالت سامهون بيان آهي، جيڪڏهن ڀڃڪڙي ٿي ته توهين عدالت ٿيندي. عمران خان اڄ سيشن ڪورٽ پيشي لاءِ عدالت ۾ انڊر ٽيڪنگ ڏني، جنهن کي هاءِ ڪورٽ تسليم ڪري ورتو. پوءِ چيف جسٽس توشا خانا ڪيس ۾ سيشن ڪورٽ جي گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد روڪيندي عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته عمران خان اڄ عدالتي وقت اندر پيش ٿئي نه ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button