پاڪستانپنجاب

پوليس کي زمان پارڪ وڃي عمران خان کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

لاهور ها ڪورٽ پنجاب پوليس کي زمان پارڪ اندر داخل ٿيڻ ۽ عمران خان کان جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کان جاچ لاءِ پوليس جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. عدالت پوليس طرفان زمان پارڪ وڃي جاچ مڪمل ڪرڻ جي درخواست تي شنوائي ڪئي، ان دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته پوليس قانون موجب جاچ ڪري سگهي ٿي. عمران خان جي وڪيل چيو ته پوليس وارا پاڻ سان گڏ پوري فوج وٺي نه وڃن، ٻه ٽي ماڻهو وڃي جاچ ڪن. جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا مان جاچ کي ڪنٽرول ڪري سگهان ٿو؟ وڪيل چيو ته منهنجو مطلب آهي ته پوليس پنهنجا نامزد آفيسر جاچ لاءِ موڪلي. پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته جاچ کي ڪنهن جي اجازت سان مشروط نٿو ڪري سگهجي، ان تي عمران خان جي وڪيل چيو ته اسان پوليس کي روڪي نه رهيا آهيون، فقط قانون موجب جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن ان کان اڳ آءِ جي پنجاب پوليس زمان پارڪ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهر تائين رسائيءَ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي مؤقف اختيار ڪيو هو ته واقعي واري هنڌ ۽ عمران خان جي گهر تائين بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پهچ چاهيون ٿا، واقعي واري هنڌ تي پابندي مڙهيل تنظيم جي ميمبرن جي موجودگي جو شڪ آهي، تنهن ڪري گهر تائين رسائيءَ کانسواءِ جاچ ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ جو عمل مڪمل نٿو ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button