سنڌ

کهڙا ويجهو ڇوڪري جي اغوا خلاف وارثن جو احتجاج

کهڙا ويجهو ڳوٺ حاجي عبدالرحيم ناريجو واسي عورتن ساڍا 4 مهينا اڳ مبينا اغوا ٿيل نياڻي زاهده ناريجو جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مغوي زاهده جي ما عنايتان خاتون ناريجو، امام زادي ۽ عطا حسين ناريجو دانهيندي چيو آهي ته ساڍا 4 مهينا اڳ منظور احمد ناريجو، جبار احمد ناريجو، محمد عظيم ۽ ٻيا هٿيار بند گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي 18 ورهين جي نياڻي زاهده کي اغوا ڪري ويا آهن، اسان اهڙي اين سي ٿاڻي وڏا مهيسر تي داخل ڪرائي پر پوليس ساڍا 4 مهينا گذرڻ باوجود بااثر جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو. ويتر اسان جي ماڻهن محمد مٺل، عطا ۽ عجيب خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. هنن خدشو ڏيکاريو ته مغوي زاهده کي قتل ڪيو ويو آهي. جوابدار گرفتار ڪري نياڻي زاهده کي بازياب ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button