سنڌ

شهيد ذوالفقار ڀٽو اڄ به عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو:سسئي پليجو

سينيٽر سسئي پليجو ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار ڀٽو شهيد بينظير ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪئي ۽ گل جي ورکا ڪئي. ان موقعي تي سسئي پليجو ڳالهائيندي چيو ته ڀٽو کي ختم ڪرڻ وارا اڄ پاڻ ئي ڳولهيا نه ٿا لڀن پر شهيد ڀٽو اڄ به عوام جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اعلى عدليه هاڻي سياسي ماحول کي نقصان پهچائي رهي آهي. معزز جج صاحبان جي چار ٽن جي فيصلي کي ٽن ٻن جي فيصلي ۾ تبديل ڪري ملڪ ۾ انتشار فهلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته شروع کان وٺي پيپلزپارٽي کي تعصب جو نشانو بڻايو ويو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙ جج به پنهنجي ڪتاب ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ لا سندن مٿان دٻاءُ هيو. هن چيو ته مشرف به معزرت واري انداز ۾ شهيد محترمه مٿان داخل ڪيل ڪيسن کي ڪوڙو مڃيو هو. هن چيو ته ٻن صوبن ۾ الڳ اليڪشن ۽ باقي ملڪ ۾ الڳ اليڪشن ناممڪن آهي ۽ ان ۾ تمام گهڻا مونجهارا پڻ آهن پو به عدالت جي فيصلي تي وڪيلن سان صلاح مشوري بعد اتحادين سان اجلاس ڪوٺائي پارٽي جي اعلي قيادت جيڪو فيصلو ڪندي ته ان تي عمل درآمد ڪيو ويندو. سينيٽر سسئي پليجو سان گڏ تنوير پليجو ۽ عورتن ۽ مرد ڪارڪنن جو وڏو انگ ساڻ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button