سنڌ

اليڪشن ڪنهن جي به مرضي سان نه ٿيندي:مراد علي شاهه

قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي تقريب ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه خصوصي هيليڪاپٽر ذريعي ڳڙهي خدابخش پهچڻ بعد قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس به 9 ججن تي مشتمل بئنچ تي ٻڌل ھو. ان ۾ انتظار ڪيو ويو ته ھڪ جج رٽائر ٿي وڃي ۽ ٻئي جي طبيعت خراب ٿي وڃڻ ڪري معذرت ڪري بئنچ کان ڌار ٿي ويو جنھن بعد 3/4 ججن جو فيصلو آيو جن قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي سزا ڏني. انھن مان 2 ججن ڪتاب ۾ لکيو ته اسان جي مٿان دٻاءُ ھيو ۽ باقي 2 ججن فيصلو ڪيو ھو ته ذوالفقار ڀٽو جي پٽيشن قبول ڪرڻي آھي. ان وقت جيئن 5/4 ججن جي فيصلي کي تبديل ڪري ¾ جو فيصلو ڪيو. اڄ وري هنن ¾ جي فيصلي کي تبديل ڪري 3/2 جو فيصلو مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هي فيصلو مسلط نٿو ٿي سگهي. سڀ ادارا ٻڌائي چڪا آهن ته مشڪل حالتون آهن اليڪشن نٿي ٿي سگهي. آيل فيصلي کي وفاقي حڪومت ماهرين جي صلاح مشوري سان ڏسي فيصلو ڪندي ته ڇا ڪرڻو آهي. نگران حڪومت جو مدو 14 اپريل تي پورو ٿيڻو آهي ته پوءِ ڇا هڪ مهينو ٻيهر نگران حڪومت ايندي اها آئيني پيچيدگي آهي جنهن کي ڏسڻ گهرجي. ڇا سپريم ڪورٽ خود چاهي ٿي ته آئين جي خلاف ورزي ڪئي وڃي. اليڪشن ڪميشن به هڪ آئيني ادارو آهي ۽ اليڪشن ڪرائڻ ان جي ذميواري آهي. ان سڀني پاسن کي ڏسي ڪري اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ججن جي ڏنل فيصلي تي ڪمينٽ ڪرڻ گهرجي ۽ اسان به آئين جي حدن ۾ رهي ڪمينٽ ڪنداسين. سوشل ميڊيا تي ڪجهه وقت اڳ ٽرينڊ هليو هو جنهن ۾ 5 ججن جون تصويرون گاڏيءَ جي شيشن تي سجائي انهن کي پادر هڻي تذليل ڪئي ويندي هئي ۽ چيو ويندو ته خيال ڪجو تذليل ڀل ٿئي پر گاڏيءَ جو شيشو نه ٽٽي انهن پنجن ججن ۾ هنن ٽن ججز جون تصويرون به شامل هيون. اها روش انهن جي آهي جيڪا اڃان تائين جاري آهي. اسان پنهنجو آئيني حق رکون ٿا. عوام هنن کي پسند نٿو ڪري ۽ اسان به هنن کي پسند نٿا ڪريون. هن چيو ته اليڪشن ڪنهن جي به مرضيءَ سان نه ٿيندي اهو حق صرف آئيني طور تي اليڪشن ڪميشن جو آهي، ان جي ڪم ۾ ڪو ٻيو مداخلت ڪري اهو غلط آهي. سياسي پارٽيون هر وقت اليڪشن لڙڻ لاءِ تيار هونديون آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته جيڪڏهن ايڊمنسٽريشن، اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي جماعتون جيڪڏهن درست نموني نه سوچينديون ته ڪجهه ٻيو ٿي ويندو جيڪو گذريل ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان به پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو هو. ان لاءِ جنهن اداري جي جيڪا ذميواري آهي اها ان کي پوري ڪرڻ ڏني وڃي. سپريم ڪورٽ فقط هڪ جج نه آهي اهو آئين ۾ لکيل آهي. جيئن مان صوبي جو چيف منسٽر آهيان ته مان پنهنجي ڪابينا ۾ 18 ماڻهو رکڻ جو اختيار رکان ٿو ۽ نه رکڻ به اختيار مون کي ئي آهي ته پوءِ پوري ڪابينا ئي مان هوندس. جڏهن سپريم ڪورٽ جا 17 ميمبر آهن ۽ سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار آهي ان لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ پنهنجو قانون ٺاهيو ته ڪيئن انهن نوٽيسن تي بئنچ جوڙي وڃي ۽ هڪ شخص کي پاور نه هجڻ گهرجي. ان قانون جي منظوري لاءِ صدر ڏانهن موڪليو ويو آهي جيڪڏهن ان کي اعتراض آهن ته هو 24 ڪلاڪن اندر ان کي واپس ڪري ته قومي اسيمبلي ان تي ٻيهر غور ڪندي جيڪڏهن صدر جي ڳالهه ۾ وزن هوندو ته ان کي تبديل به ڪري سگهجي ٿو جيڪڏهن ان جي ڳالهه ۾ وزن نه هوندو ته اهو قانون ٻيهر صدر ڏانهن موڪليو ويندو ۽ صدر کي اهو منظور ڪرڻو پوندو. اوهان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي قانون کي دٻاءَ ۾ نٿا آڻي سگهو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button