سنڌ

بلاول ڀٽو جي آصفه ڀٽو سان گڏ شهيدن جي مزار تي حاضري

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پنهنجي ڀيڻ بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي قائد عوام جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. بلاول ڀٽو ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مير شاهنواز ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي به مزارن تي به حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي. بلاول ڀٽو ۽ بي بي آصفه ڀٽو جمهوريت جي شهيدن جي مزارن تي جمهوريت جي بالادستي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ دعا پڻ گهري. هوڏانهن بلاول ڀٽو ۽ بي بي آصفه ڀٽو جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو آمد کان اڳ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا جڏهن ته مزار کي عام ماڻهن کان خالي ڪرايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button