سنڌ

شهيد ڀٽو جو روح اڄ به انصاف جو منتظر آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي اتفاق راءِ وارو آئين ڏئي جديد پاڪستان جو بنياد وڌو. جنهن شخص هن ملڪ کي اتفاق راءِ وارو آئين ڏنو، اڄ به سندس روح اسان جي عدالتن ۾ انصاف جو منتظر آهي. ڀٽو مظلومن جو اهڙو آواز هو، جنهن جي گونج اڄ تائين ملڪ جي ايوانن ۽ گڏيل قومن ۾ گونجي رهي آهي. اهڙو اظهار هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته ڀٽو جهڙا عظيم ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل کي اڄ 44 سال گذري ويا آهن پر اڄ به اسان جي عدل جو نظام اتي ئي بيٺل آهي، شهيد ڀٽو عالمي سطح تي ملڪ لاءِ هر ڪيس کٽيو پر پنهنجي زندگي جو ڪيس پنهنجي ئي ملڪ جي عدالتن ۾ هارايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button