سنڌ

ريپ بابت بيان،نبيل گبول کي پ پ جو شوڪاز نوٽيس جاري

پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ نامناسب لفظ استعمال ڪرڻ تي نبيل گبول کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي پاران نبيل گبول کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.پيپلز پارٽي جي ترجمان چيو ته نبيل گبول کي انٽرويو ۾ نامناسب لفظ استعمال ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو.ترجمان موجب نبيل گبول کي 3 ڏينهن اندر وضاحت ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، وضاحت نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندس خلاف تنظيمي انضباطي ڪارروائي ڪئي ويندي، نامناسب ڳالهه ٻولهه ۽ غير پارلياماني لفظن جو استعمال پيپلزپارٽي جي پاليسي ناهي. ہوڏانهن پ پ اڳواڻ نبيل گبول پاران عورتن بابت نامناسب گفتگو ۽ تبصرو ڪرڻ تي سوشل ميڊيا صارفن کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي پارٽي مان برطرف ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو. نبيل گبول جي ان بيان تي بلاول ڀٽو جي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري، ليکڪه فاطمه ڀٽو، انساني حقن جي ڪارڪن ۽ وڪيل نگهت داد ۽ ٻين مذمت ڪئي آهي. يوٽيوبر شهزاد غياث کي انٽرويو ۾ نبيل گبول کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اهو به هڪ مسئلو آهي ته اسان سياستدانن کي گهٽ وڌ چوندا آهيون پر پنهنجي ضرورت لاءِ انهن کي اثاثو بڻايو ويندو آهي، جڏهن ضرورت ختم ٿي ويندي آهي ته انهن خلاف آپريشن شروع ٿي ويندا آهن، جهڙي طرح اسان مشرف دور ۾ ڏٺو ته ڊگهي عرصي تائين جن ماڻهن کي پناهه ڏني انهن خلاف آپريشن ٿيو. ان سوال جي جواب ۾ نبيل گبول ريپ ۽ جنسي استحصال بابت ڳالهائيندي چيو ته انگريزي جي هڪ مشهور چوڻي آهي ته ” جيڪڏهن متاثر عورت کي خبر آهي ته هن جو ريپ ٿيڻ وارو آهي، بچڻ جو ڪو رستو ناهي ته پوءِ ان صورت ۾ متاثر عورت کي به ان صورتحال مان لطف اندوز ٿيڻ گهرجي” جڏهن ميزبان ان چوڻي جي ترديد ڪئي ته نبيل گبول چيو ته حقيقت ۾ اها چوڻي آهي، جڏهن توهان اندر برداشت آهي ته ان مان لطف اندوز ٿيو ۽ جيڪڏهن غيرت آهي ته توهان بيهي رهو ۽ برداشت نه ڪريو. ليکڪه ۽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو ٽوئيٽر تي چيو ته اها بيهودگي آهي، نبيل گبول سنڌ حڪومت جي مجرماڻي ذهنيت کي وائکو ڪيو آهي. سينيٽر عيني مري چيو ته پ پ نبيل گبول يا پارٽي جي ڪنهن ٻئي ميمبر جي غلط بيانن جي حمايت يا تائيد نٿي ڪري، اهڙا نامناسب بيان مذمت جوڳا آهن. بختاور ڀٽو زرداري چيو ته نبيل گبول پاران بيان هن جي پنهنجي نمائندگي ڪري ٿو، هن جي بيان سان اسان جي پارٽي جو ڪو به تعلق ناهي، اسان واضح طور تي عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ بيٺا آهيون، عورتن سان نفرت ڪندڙن جي اسان جي مذهب ۽ پارٽي ۾ ڪا به جاءِ ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button