سنڌ

پاڪستان ۽ 73ع جو آئين شهيد ڀٽو جي امانت آهن:آصف زرداري

اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ 1973ع جو آئين شهيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي امانت آهن، اسان پاڪستان جي سلامتي ۽ آئين خاطر ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي يوم شهادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏنل ڦاهي کي تاريخ عدالتي قتل قرار ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس گذريل 10 سالن کان شنوائي جو منتظر آهي، افسوسناڪ ڳالهه آهي جو 10 سال گذرڻ باوجود سپريم ڪورٽ اڃان تائين پنهنجي راءِ نه ڏني. اڳوڻي صدر چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جسماني طور قتل ڪيو ويو پر هو اڄ به ڪروڙين انسانن جي دلين ۾ زنده آهي، پر ان جا قاتل تاريخ جي ڪچري دان ۾ سڙي چڪا آهن. آصف علي زرداري چيو ته هي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪرشمو آهي جو اڄ ملڪ جو هر شهري آئين کي مقدس دستاويز تسليم ڪري ٿو ۽ جمهوريت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ مضبوط جمهوريت ۾ ئي ملڪ جي بقاءُ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button