سنڌ

انصاف لاءِ ڀٽو خاندان جي وڌيڪ ڪيترن نسلن کي انتظار ڪرڻو پوندو:بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کي ملڪ جي عدل واري نظام تي ڪارو داغ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀٽو خاندان جو هاڻي ٽيون نسل اعليٰ عدليه مان انصاف جو منتظر آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين يوم شهادت تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته ملڪ کي متفق آئين ڏيندڙ وزيراعظم جي عدالتي قتل جي حوالي سان صدارتي ريفرنس گذريل 12 سالن کان سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي ۽ انهن 4382 ڏينهن دوران اسان جي عدل انصاف واري نظام وٽ ڀٽو جو فرياد ٻڌڻ لاءِ هڪ منٽ به ميسر ناهي. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته انصاف جي حصول لاءِ ڀٽو خاندان جي وڌيڪ ڪيترن نسلن کي انتظار ڪرڻو پوندو، هن چيو ته اعليٰ عدليه کي اپيل ڪريان ٿو ته 2 اپريل 2011ع تي صدر آصف علي زرداري پاران آرٽيڪل 186 تحت موڪليل صدارتي ريفرنس کي جلد شنوائي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. هن قائد عوام کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مدبراڻي قيادت ۾ پاڪستان سياسي، سفارتي، معاشي، دفاعي ۽ معاشرتي لحاظ کان ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا. هن چيو ته پ پ جمهوريت، 1973ع جي آئين، پارلياماني بالادستي، مزدورن، هارين، اقليتن ۽ عورتن جي حقن ۽ معاشري ۾ رواداري ۽ برابري تان ڪنهن به قيمت تي هٿ نه کڻندي، اسان انصاف تي ٻڌل جمهوري نظام جي قيام ذريعي هر پاڪستاني کي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي فراهمي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button