سنڌ

نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان، وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ

اسٽيٽ بئنڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ بنيادي وياج جي شرح 21 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اسٽيٽ بئنڪ ان حوالي سان بيان جاري ڪيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ۽ پاليسي ريٽ 100 بيسز پوائنٽس وڌائي 21 سيڪڙو ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ موجب مارچ ۾ مهانگائي وڌيڪ وڌي 35 ڏهائي 4 سيڪڙو ٿي وئي، مهانگائي ويجهي مدت ۾ بلند رهڻ جو امڪان آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو توقع کان وڌيڪ گهٽجي ويو آهي، جنهن جي توقع نه هئي، جنهن جو وڏو سبب برآمدات کي قابل لحاظ حد تائين گهٽ ڪرڻ آهي، مجموعي طور تي ادائيگين جي توازن جي صورتحال دٻاءُ هيٺ آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا اڃا به گهٽ سطح تي آهن. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي نائين جائزي جي مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي، آءِ ايم ايف جي نائين جائزي جو مڪمل ٿيڻ پرڏيهي مٽاسٽا ۾ واڌ لاءِ اهم آهي، فيبروري دوران مسلسل نائين مهيني بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي رهي، ڪڻڪ جي پيداوار حدف کان گھٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب فيبروري ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 7 ڏهائي 4 ڪروڙ ڊالر جو خسارو ڏٺو ويو، جولاءِ کان فيبروري تائين ڪل خسارو 3 ڏهائي 9 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، فيبروري ۾ مزدورن جي ترسيل ۾ معمولي بحالي هئي، وڏين ادائيگين سبب پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا دٻاءُ هيٺ آهن.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته مالياتي خسارو جولاءِ کان جنوري تائين جي ڊي پي جي 2 ڏهائي 3 سيڪڙو تائين محدود رهيو، مهانگائي مارچ ۾ وڌي 35 ڏهائي 4 سيڪڙو ٿي وئي، جولاءِ کان مارچ تائين مهانگائي جي اوسط شرح 27 ڏهائي 3 سيڪڙو هئي. ياد رهي ته هن وقت بنيادي وياج جي شرح 20 سيڪڙو آهي، گذريل اجلاس ۾ وياج جي شرح ۾ 300 بيس پوائنٽس يعني 3 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي هئي ۽ بنيادي وياج جي شرح 20 سيڪڙو تائين وڌي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button