پاڪستانسنڌ

قاسم آباد م گئس بندش جو “ناجائز فائدو”کاڌي اگهن ۾ وڏي واڌ

حيدرآباد: سئي سدرن گيس ڪمپني پاران گيس پائپ لائن جي مرمت لا ڪالهه صبح 6 وڳي کان شام 4 وڳي تائين ڪيل 10 ڪلاڪن جي گيس جي بندش قاسم آباد سميت مختلف علائقن جي مهانگائي جي ستايل ماڻهن جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، منافعي خورن موقعي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو، چانهن، ماني، ٻوڙ، برياني ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي ڪرڻ سان گڏ، ڪاٺين وارن به من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ ايڪسپريس جي ڪيل سروي موجب سئي سدرن گيس ڪمپني پاران ڪالهه 4 اپريل اڱاري ڏينهن تي پائيپ لائين جي مرمت لا قاسم آباد سميت مارڪيٽ، ڪينٽ، سٽي جي مختلف علائقن ۾ صبح جو 6 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين گيس جي بندش جو اعلان ڪيو ويو هو. رمضان جو مهينو هجڻ ڪري هوٽلن تي پابندي آهي پر بيمارن ۽ پيرسنن لا کليل هوٽلن جي مالڪن ۽ ڪيٽرنگ سروس وارن گيس جي بندش جو مڪمل فائدو وٺندي اڳ ئي مهانگائي جي ستايل ماڻهن جي اهنجن ۾ اضافو ڪندي پنهنجا من پسند ۽ هٿ ٺوڪيا اگهه مقرر ڪري ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ ۾ ڪا قصر نه ڇڏي. صبح جي وقت گيس بندش سبب ناشتي لا ماڻهو پريشان ٿيندا رهيا.

هوٽلن جو رخ ڪيو ته عام ڏينهن ۾ ملندڙ چانهن، انڊي ۽ پراٺي جا اگهه ٻيڻا هجڻ باوجود خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. عام ڏينهن ۾ 60 کان 80 رپين ۾ ڪپ ملندڙ چانهن جو اگهه 100 کان 120 رپيا ڪيو ويو هو، جڏنهن ته انڊو 60 رپيا ۽ پراٺو به 60 کان 80 رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو. اوچتي اگهن ۾ واڌ سبب عوام ٻيڻ تي پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳو. جڏهن ته منجهند جي ماني جو وقت ٿيو ته بيمارن ۽ پيرسنن جي بهاني کليل هوٽلن جي منافعي خور مالڪن پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري عوام جي مجبوري مان فائدو وٺڻ ۾ اڳڀرا ڏسڻ ۾ آيا. هوٽلن تي پڪل کاڌن جي اگهن ۾ عام ڏينهن جي حساب سان تمام گهڻو فرق نظر آيو. هوٽل تي عام ڏينهن ۾ ملندڙ 15 رپين واري چپاتي 20 کان 25 رپين، 20 رپين ۾ ملندڙ تندوري ماني 25 کان 30 رپين ۽ نان واري ماني 30 کان 35 رپين ۾ وڪرو ڪئي وئي. جڏهن ته هوٽلن تي ملندڙ ٻوڙن جا به اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا. مرغي جي سمپل پليٽ 200 کان 230 رپين تائين وڪرو ڪئي وئي، دال، ماش، مڱ ۽ چڻا جي عام ڏينهن ۾ ملندڙ 120 رپين واري پليٽ 150 ۾ وڪرو ڪئي وئي. ڪجهه هنڌن تي ماڻهن کي شڪايت ڪندي ڏٺو ويو ته عام ڏينهن جي حساب سان ملندڙ ٻوڙ جي پليٽ کٽل آهي. يعني هوٽل مالڪن اگهه ته وڌايا پر ٻوڙ جي پليٽ جو مقدار به گهٽائي ڇڏيو. ان موقعي تي هڪ هوٽل تان ماني خريد ڪندڙن جو چوڻ هو ته گيس جي بندش سبب عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون. هنن چيو ته گيس ڪمپني وارن جو بندش بابت اشتهار صرف اخبار ۾ آيو هو ۽ هن دور ۾ هر ڪنهن وٽ اخبار نه ايندي آهي.

هنن چيو ته گيس جي بندش ۾ منافعي خورن ڪا قصر نه ڇڏي آهي. کاڌي پيتي جي پڪل شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. هنن چيو ته انٽظاميا نالي ڪا شي نظر نٿي اچي جيڪا هنن منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته گيس يا بجلي جي مرمت دوران بندش جو اطلاع بروقت هر هنڌ پهچايو وڃي ته جيئن پريشاني کان بچي سگهجي. هنن اهو به مطالبو ڪيو ته اهڙن موقعن جو فائدو وٺندڙ منافعي خورن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪي عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽي ۽ ڦري رهيا آهن. قاسم آباد سميت مختلف علائقن ۾ گيس جي فراهمي جي 10 ڪلاڪ بندش سبب فليٽن ۾ رهندڙ ماڻهن کي تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. عام گهرن ۾ ته ڪاٺين جي باهه ٻاري رڌپچا ڪري سگهجي پيو پر فليٽن ۾ رڌپچا لا ڪاٺين جي باهه کي نه پئي ٻاري سگهيو. ان سلسلي ۾ سروي دوران معلوم ٿيو ته گيس جي بندش دوران ڪاٺين جي اگهن ۾ به رڪارڊ اضفو ڪيو ويو. جڏهن ته گيس سلينڊرن جي وڪرو ۾ به اضافو ۽ سليندر گيس پوائنٽن تي ماڻهن جي وڏي رش نظر آئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button