پاڪستانسنڌ

وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي اليڪشن بابت فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ۾ اليڪشن بابت سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ جي فيصلي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي اقليتي فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جي را ڏني آهي. ڪابينا جي اجلاس کانپو ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته پارليامينٽ سپريم آهي ۽ پارليامينٽ ئي سپريم رهندي، فيصلو پاڪستان جي عوام جو هلندو، ڪابينا اجلاس ۾ اي سي سي جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته قومي اسپورٽس پاليسي ڊيفر ڪئي وئي، جنهن بعد ڪابينا اجلاس ۾ سياسي معاملن تي ڳالهيون ٿيون ۽ وزيراعظم سميت ميمبرن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽريز ۽ سمورن سرڪاري آفيسرن کي اجلاس کان ٻاهر وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button