پاڪستانسنڌ

خيرپور ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت

خیيرپور: خيرپور ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪري فوت، وارثن جو احتجاج، ميونسپل انتظاميا ذميوار قرار. خبر موجب خيرپور جي علائقي خانپور جوڻيجا ۾ کليل گٽر ۾ 5 سالا معصوم ٻارڙو عبدالحڪيم پٽ عيدن جاگيراڻي ڪري فوت ٿي ويو، فوتي ٻارڙي جي وارثن موجب معصوم ٻار گهران راند ڪندي نڪري ويو، جنهن جي ڳولا ڪندا رهياسين پر هٿ نه اچي سگهيو، بعد ۾ علائقي واسين کليل گٽر ۾ ٻار جا ڪپڙا ڏسي اطلاع ڏنو، جنهن بعد اسان اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گٽر مان لاش ڪڍرائي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن ٻالڪ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ٻالڪ جو لاش گهر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته خيرپور شهر ۽ آس پاس جي اڪثر علائقن ۾ گٽر کليل آھن ۽ ڪافي ٻار توڙي پيرسن انهن ۾ ڪري پون ٿا، پر ميونسپل انتظاميا توڙي ضلعي انتظاميا ڪو به ڌيان نه پئي ڏئي، ڪافي دفعا کليل گٽر کي بند ڪرڻ جون دانهون ڪيون پر انتظاميا ڪو به ڌيان نه ڏنو آھي. هنن چيو ته معصوم ٻار جي موت جي ذميوار ميونسپل انتظاميا آھي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button