پاڪستانسنڌ

شهيد ڀٽو جي ڦاهي جو فيصلو عدالتي قتل هو: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: صوبائي وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه راول هائوس راهوڪي حيدرآباد ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي جي موقعي تي منعقد ڪيل قرآن خواني ۽ افطار ڊنر بعد پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم جون نظرون سپريم ڪورٽ ڏانهن آهن ته ڪڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل جو انصاف ٿيندو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي جو فيصلو هڪ ڪارو باب آهي ۽ عدالتي قتل هو، جنهن لاءِ فوري طور تي فيصلو ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. هن چيو ته باقي سڀ فيصلا ته ترجيحي بنيادن تي ٿيندا آهن پر جنهن قائد غريب عوام کي شعور ڏنو، ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو، ملڪ کي متفقه آئين ڏنو بدقسمتي سان ان جي عدالتي قتل جو اڃان تائين انصاف ناهي مليو. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ماڻهن لاءِ انصاف ۾ دير ڪئي ويندي آهي، ٻئي پاسي لاڏلي نيازي کي گهر ويٺي پيڪيجز ملي ويندا آهن، جيڪو ٻٽو معيار آهي. هن چيو ته نيازي کي ايترو معصوم نه سمجهو هر تحريڪ جڏهن هو شروع ڪندو آهي ته ان جي پٺيان ڪا نه ڪا قوت هوندي آهي، هن وقت به ملڪ دشمن عنصر ان جي مدد ۽ کيس سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن.

صوبائي وزير چيو ته هن وقت جيڪا سازش ڪئي پئي وڃي اها ڪنهن سياسي جماعت يا اداري خلاف ناهي پر پاڪستان ۽ ان جي عوام خلاف آهي پر هن ملڪ ۾ جڏهن به جمهوريت کي بچائڻو هوندو آهي ته واحد پارٽي پيپلزپارٽي آهي، جنهن جي قيادت هن ملڪ ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ پنهنجن جانين جي قرباني ڏني ۽ هن وقت به پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان مخالف قوتن جو مقابلو ڪندي، ڇاڪاڻ ته اسين ڪنهن کان ڊنل ناهيون. ان موقعي تي ايم اين اي شگفته جماڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عقلمند ماڻهو اڄ ڏسي وٺن عوامي عقيدت ۽ محبت جي صورت ۾ اڄ به ڀٽو زنده آهي ۽ پيپلزپارٽي ڪڏهن به چونڊن کان فرار جو رستو اختيار نه ڪيو پر هر صورت ۾ چونڊن لاءِ تيار رهندي آهي. ان موقعي تي خاص معاون صغير قرِيشي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جيالن ۽ معززين کان علاوه عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مغفرت ۽ درجات جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button