پاڪستانسنڌ

سپريم ڪورٽ جو فيصلو عدل ۽ انصاف جو قتل آهي:شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته 4 اپريل تي ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالتي قتل ٿيو هو ۽ اڄ ئي عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي. سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پنجاب ۾ اليڪشن جي التويٰ بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته تاريخ ڪيڏي ظالم آهي اڄ به 4 اپريل آهي، عدالتي قتل اڄ ئي تاريخ تي ٿيو. هن چيو ته سڄي دنيا کي ڄاڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت عدالتي قتل هو، 73ع جو آئين انهي جي حڪومت ۾ وجود ۾ آيو هو، هي پاڪستاني تاريخي خدمت هئي جيڪا ياد رکي ويندي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اڄ 4 اپريل تي 72 ڪلاڪن ۾ ڪارروايون ٿيون، اڄ عدل ۽ انصاف جي قتل ٿيو آهي. هن چيو ته ڪابينا ۾ اڄ ئي فيصلو ٿيو آهي ته 12 سال کان التويٰ جو شڪار ريفرنس جو فيصلو ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button